English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
خراب معاشي پاليسين جي ڪري سنڌ ۾ بک، بدحالي، بيروزگاري وڌي وئي آھي: اياز لطيف پليجو
165 views
|
25th Apr 2023
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ساحلي پٽي واري علائقي ۾ رورل هيلٿ سينٽر ٻگھاڻ ۾ هڪ مهيني دوران آپگھات جا 39 ڪيس رپوٽ ٿيا آهن
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سنڌ ۾ وڌندڙ خودڪشي جي واقعن تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ خراب معاشي پاليسين جي ڪري سنڌ ۾ بک، بدحالي، بيروزگاري وڌي وئي آھي. زرعي تباھي جي ڪري غربت انتھا تي پھچي وئي آھي.بدحال حالتن جو شڪار ماڻھو، غربت جي انتھائي لڪير کان ھيٺ جيئندڙ ماڻھو خودڪشين ۾ نجات ڳولي رھيا آھن. عيد ڏهاڙن دوران سنڌ ۾ تمام گھڻا خودڪشين جا واقعا ٿيا آھن. ٺٽي ساحلي پٽي واري علائقي ۾ رورل هيلٿ سينٽر ٻگھاڻ ۾ هڪ مهيني دوران آپگھات جا 39 ڪيس رپوٽ ٿيا آهن. عيد دوران ٽن عورتون زھر پيئڻ ڪري فوت ٿيون. حڪمران انھن موتن جا ذميوار آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ آئين ناھي تہ سنڌ وٽ ڪي بہ وسيلا ناھن. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ قدرتي وسيلا سنڌ وٽ آھن. سنڌ جيتري خوشحال آھن، ان کان وڌيڪ حڪمرانن سنڌ کي بدحال بنايو آھن. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت وٽ سنڌ جي ترقي جو ڪو پروگرام ناھي. پيپلز پارٽي حڪومت چاھي تہ سنڌي ماڻھن کي انڪم سپورٽ جي پروگرام جي نالي تي رڳو پنايو وڃي. ڪا بہ نئين انڊسٽري ناھي. ڪو بہ نيوي صنعتي ادارن ناھي. روزگار جا ڪي وسيلا ناھن. سرڪاري نوڪريون رشوت ۽ سفارش کانسواءِ ناھن. ڪرپشن جو راڄ آھي. سپاھي، تپيدار ۽ پٽيوالي کان وٺي ھر ڪرسي تي مقرري لاءِ اگھ مقرر آھن. جيڪو جيترا گھڻا پئسا ڏوندو، ضلعا ۽ شھر انھن جي حوالي ھوندا. انڪري سنڌ ۾ شفافيت ناھي. ڪرپشن، بدعنواني ۽ لاقانونيت جو راڄ آھي. زرعي تباھي جي ڪري ننڍا آبادگار ۽ ھاري ڪنگال ٿي ويا آھن. ٻوڏ اچي ٿي تڏھن بہ سنڌ کي نقصان ۽ پاڻي کوٽ ۾ بہ سنڌ کي شڪار بنايو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪا حالت سنڌ سان ڪئي وئي آھي. سنڌ کي اڻڪيل ڏوھ جي سزا ڏني پئي وڃي. ھي خودڪشيون نہ پر قتل آھن. حڪمران انھن قتلن جا ذميوار آھن. زندگي جي انت جو فيصلو انتھائي فيصلو آھي. سڀ رستا بند ڏسي ماڻھو اھڙا فيصلا ڪري ٿو. ٻچن کي بکيو ۽ بدحال ڏسي ماڻھو موت جي قبولين ٿا. ناانصافي، جبر کان تنگ ٿي ماڻھو پاڻ کي مارين ٿا. اٽي، لٽي ۽ اجھي جو نعرو ھڻي ماڻھن سان غداري ڪئي وئي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
خودڪشي
0 تبصرے