شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فيصلي کي واپس ڪرائي تاريخ کي اِهو ٻڌائي ڇڏيو ته اهو عدالتي قتل هيو
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) صدر پاڪستان آصف علي زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 17 هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جيڪڏهن مان ٻيهر صدر آهيان ته اها به توهان، پاڪستان پيپلز پارٽي جي طاقت، غريبن ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جون دعائون آهن، ڇاڪاڻ محترمه بينظير ڀٽو شهيد آهي ۽ اسان جي نظر ۾ شهيد ڪڏهن مرڻا ناهن، اسان 45 سالن کان پوءِ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فيصلي کي واپس ڪرائي تاريخ کي اِهو ٻڌائي ڇڏيو ته اهو عدالتي قتل هيو ۽ هنن کي تاريخ ۾ مڃڻو پوندو ته واقعي شهيد ڀٽو جو قانوني قتل ٿيو هو، دوستو، اسان پهرين ڏينهن کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي ڌرتي جو قسم کنيو آهي ته جيڪو به ڪم ڪنداسين ان لاءِ توهان ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو کي جوابده هونداسين ڇاڪاڻ مون کي منهنجي ايندڙ نسل کي هتي ئي دفن ٿيڻو آهي تنهن ڪري ڌرتي، فيڊريشن ۽ پاڪستان سان وفا آهي، پاڪستان کي هنن جي هٿن کان بچائڻو آهي چاهي اهي ڪيترا به طاقتور ڇو نه هجن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سپر پاور پاور آهي ته مولا به پاور آهي ۽ مولا ئي پاور آهي جنهن تي اسين يقين رکون ٿا ۽ جنهن تي دنيا اسان جي يقين رکي ٿي، انشاءَ الله توهان، دوستن ۽ مولا جي دعائن سان هن مشڪل حالتن مان به پاڪستان کي ڪڍي توهان کي خوشبخريون ڏينداسين ته هي اسان جو ڪجهه به بگاڙي نه ٿا سگهن، اسان سڀن کي سنڀالي سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪنداسين، ها مشڪلاتون ۽ تڪليفون آهن جيڪي منهنجي لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي روزانو تڪليف ۽ مسئلا هوندا آهن، روزانو اسان درد سان ملڻ ۽ منهن ڏيڻ جا پراڻا واقفڪار آهيون، دوستن کي به چوندس ته ڪائي به پرواهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي مان هنن سڀني کي ڏسي وٺندس، نه توهان جو پاڻي ۽ گئس ڪيڏانهن ويندي، اهو سڀ ڪجهه توهان کي ملندو جيڪو توهان جو حق آهي اهو توهان کي ملندو ۽ جيڪو ٻين جو حق آهي انهن کي ملندو، جيڪو بلوچستان، ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ سنڌو جو جيڪو حق آهي اهو انهن کي ئي ملندو ان کان علاوه اسان وٽ ٻيو ڪو فيصلو يا ان کان گهٽ فيصلو به ناهي. هن چيو ته دنيا ضرور بدلجي رهيو آهي ۽ دنيا ۾ نيون شيون ٿي رهيون آهن پر اهي سڀ جيڪي انسان ذات، توهان ۽ پارٽي کي فائدو ڏيندي اها پاڪستان جي به فائدي ۾ هوندي.
0 تبصرے