شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 17هين ورسي، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ لکين ماڻهن پاران کيس ڀيٽا پيش
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي پهرين خاتون وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 17 ورسي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ انتهائي عقيدت و احترام سان ملهائي عوامي جلسو ڪوٺايو ويو. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ کان پاڪستاني عوام سان گڏجي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي ملهائي پنهنجي شهيد قائد کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، شهيد محترمه بينظير ڀٽو هن ملڪ جي غريب عوام، پٺتي پيل علائقن، ڪمزور طبقي، اسان ۽ توهان جي نمائنده هئي، محترمه شهيد محترمه بينظير ڀٽو جنهن بهادري سان پنهنجي جيڪا 30 سالن جي جدوجهد ڪندي وڙهي اها توهان ۽ دنيا جي سامهون آهي جيڪا جدوجهد تاريخ جو حصو بڻجي چڪي آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو نه صرف اسلامي پر دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بڻي ۽ عالمي سطح تي کيس ليڊر تسليم ڪئي ويندي هئي، شهيد محترمه توهان جي آواز، پاڪستان جي هارين، مزدورن، محنت ڪش طبقي جي آواز کي بين الاقوامي سطح تائين پهچائيندي هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو هن ملڪ جي عوام جي حقيقي نمائنده هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو توهان جي آواز بڻجي ۽ عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي ڪندي آخرڪار شهادت ماڻي پر عوام جي موقف، پنهنجي نظريي ۽ منشور تي سوديبازي نه ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن دهشتگرد يا آمر جي آڏو گوڏا کوڙيا پر آخري دم تائين بيهي عوام جو ڪيس وڙهندي رهي پر ۽ پوئتي نه هٽي. هن چيو ته جن شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو انهن جي اِها غلط فهمي هئي ته هاڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو موجود نه هوندي ته سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه وسيب، پنجاب، وفاق، گلگت بلستان ۽ آزاد ڪشمر جي حقيقي آواز هميشه لاءِ دٻجي ويندي، پاڪستان ۾ صرف صرف سياسي ڪٺ پتليون هونديون جيڪي پنهنجي اقتدار ۽ ڪرسي خاطر موقف، نظريي، منشور، پاڪستان جي عوام، صوبن، پاڪستان جي ايٽمي اثاثن، ملڪ کي نقصان پهچائڻ ۽ سڀ ڪجهه ڪرڻ تي سوديبازي تي تيار ٿي وينديون جن کي اسلام آباد جي ڪرسي تي ويهڻ جو شوق هوندو آهي، 27 ڊسمبر 2007ع کان اڄ ڏينهن تائين جيڪو نقصان پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام کي ٿيو ۽ هن وقت به پاڪستان مشڪل ۾ آهي جو توهان شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري اسان مٿان ڪٺ پتلين کي مسلط ڪيو، هاڻي پاڪستان هڪ اهڙي هنڌ بيٺو آهي ته مسئلا ئي مسئلا ان ۾ اندروني مسئلا، معاشي بحران ۽ دهشتگردي جو مسئلو ٻيهر کر کڻي رهيو آهي، هر صوبي جا پنهنجا پنهنجا مسئلا آهن، پرڏيهي سطح تي به پاڪستان لاءِ وڏا امتحان اچڻ وارا آهن، جڏهن پاڪستان جا اندروني ۽ بين الاقوامي سطح جا مشڪلاتن آهن ته انهن سڀني مسئلن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي سمورن سياسي جماعتن کي گڏجي انهن مسئلن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، ڪنهن به هڪ سياسي جماعت وٽ نه اها مينڊينٽ ۽ طاقت آهي ته هو هڪ ئي وقت سمورن بيروني ۽ اندروني مسئلن جو مقابلو ڪري، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي پاڪستان جي عوام هڪ ذميواري ڏني آهي، پ پ پ اُها واحد جماعت آهي جيڪا اڄوڪي سياسي صورتحال ۾ به فخر سان چوي ٿي ته اسين نه ئي سليڪٽيڊ ۽ نه فارم 47 وارا آهيون، اڄ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن وقت تائين ان ڊاڪيومينٽ تي عملدرآمد ڪرائڻ تي اسين ناڪام رهيا آهيون ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي ميمبرن کي بار بار مجبور ڪرڻ ته اسيمبلي پهچي ڪورم پورو ڪيو ۽ انهن جي هر خواهش کي اکيون بند ڪري ووٽ ڏنو پر جڏهن توهان پنهنجي علائقن ڏانهن وڃو ته هٿئين خالي نه وڃو ۽ جڏهن توهان پنهنجي علائقن ڏانهن وڃون ٿا ته توهان وٽ امن امان ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ ڪو جواب هجي ائين حڪومتون نه هلنديون آهن، حڪومت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي ڇاڪاڻ هر مسئلي جي حل لاءِ پارليامينٽ مان اتفاق راءِ پيدا ڪري منظوري ڏني وڃي جيڪڏهن اسان اهڙي طريقي سان هلنداسين ته اسين سڀني مسئلن جو حل ڪڍي وٺنداسين. هن چيو ته اسان کي سياست کي هڪ طرف رکي ڪري پاڪستان ۽ ان جي دفاع جو سوچڻو پوندو، توهان کي خبر آهي پاڪستان جي ايٽمي طاقت جو قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي تي پهچائڻ جو وڏو ڪارڻ بين الاقوامي طاقت جي نظر ۾ اِهو آهي ته قائد عوام اسلامڪ بم ٺاهيو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني، اڄڪلهه پاڪستان جا مخالف شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ايٽمي بم ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڏنل ميزائل ٽيڪنالاجي جي تحفي کي ميري اک سان ڏسي رهيا آهن، انهن جي خواهش آهي ته ڪنهن مسلمان ملڪ وٽ اهڙي قسم جي قوت نه هجي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن بهاني توهان کان اِها طاقت کسڻ چاهن پيا، تازو ئي آمريڪا شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ميزائل ٽيڪنالاجي تي پابندي مڙهي آهي ته مان پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان پوري پاڪستان ۽ پوري دنيا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جيسيتائين پاڪستان پيپلز پارٽي موجود آهي اسين پنهنجي ايٽمي طاقت ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ميزائل پروگرام تي ڪا به سوديبازي ڪرڻ نه ڏينداسين، عمران خان کي پاڻ هن جي مذمت ڪرڻ گهرجي جيڪي پاڪستان جي ايٽامڪ پاليسي ۽ ايٽامڪ طاقت خلاف بيان پيا ڏين جيڪڏهن اهي ئي ماڻهو توهان کي سپورٽ ڪري رهيا آهن ته پوءِ پاڪستان ۾ هي جيڪو تاثر آهي ته هڪ مخصوص لابي چاهي ٿي ته پاڪستان ۾ اهڙي حڪومت اچي جيڪا طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ هر شيءَ تي سوديبازي ڪرڻ تي تيار هجي پر انشاءَ الله پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پيپلز پارٽي جا جيالا موجود آهن جيڪي هر سازش کي ناڪام ڪندا جيئن ماضيءَ ۾ هنن پاڪستان کي محفوظ رکيو تيئن هو مستقبل ۾ به پاڪستان کي محفوظ رکندا ۽ صدر آصف علي زرداري هر ڀيري اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته هو پاڪستان ۽ پاڪستان جي مفادن کي ڪهڙي نموني کي ترجيح ڏيندو آهي.
0 تبصرے