English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڻي روڪي سنڌ کي ڀت سان لڳايو ويو ته سنڌ جو ٻچو ٻچو مزاحمت ۽ مقابلو ڪندو: اياز لطيف پليجو
187 views
|
18th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مستقل رھندڙن جون خوشيون ۽ تڪليفون گڏيل آھن
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ اسين قوم دوستي ۽ وطن دوستيءَ تي يقين رکون ٿا. پنھنجي قوم ۽ مذھب تہ سڀني نہ کي پسند آھي پر انسانيت مٿانهون سمجھڻ وڏو امتحان آھي. سنڌ جي مسقتل رھندڙن جون خوشيون ۽ تڪليفون گڏيل آھن. پاڻي روڪي سنڌ کي ديوار سان لڳايو ويو تہ سنڌ جو ٻچو ٻچو مزاحمت ۽ مقابلو ڪندو. سڄي سنڌ پاڻي لاء جدوجھد جي ميدان تي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان جي ماڻھن کي جوڙڻ جي ضرورت آھي پر ڪرپٽ حڪمرانن ملڪ کي ورھائي ڇڏيو آھي. بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جا ماڻھو برابري واري جمھوريت ۽ پنھنجن وسيلن جي مالڪي چاھين ٿا. سنڌ جو ٻھراڙيون گئس، بجلي سميت بنيادي سھولتون کان محروم آھن. سنڌ مان گئس نڪري ٿي پر سنڌ جا اڪثر علائقا انھي سھولت کان محروم رکيا ويا آھن. ٿرپارڪر جا اڪثر علائقا بجلي کان محروم آھن، جتان جي بجلي پنجاب کي فراھم ڪئي وڃي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ھٿ وٺي منشيات جو ڍير بنايو ويو آھي تہ جيئن سنڌ جو نوجوانن کي منشيات ۾ مبتلا ڪري وسيلن ۽ دولت کي لٽي سگھجي. پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني سنڌ جي ماڻھن کي فقير بنائي ڇڏيو آھي. نوڪرين، روزگار ۽ وسيلن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. ھاڻ اقتدار خاطر درياھ کي وڪرو ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان کي نئين اقتصادي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آھي. ھيٺيون ۽ پورھيت طبقو پٿر جي دور ۾ جيئڻ تي مجبور آھي. وفاق سنڌ سان بجلي، گئس، ٽيڪسز ۽نہ پاڻي جي سلسلي ۾ زيادتيون بند ڪري.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه
حيدرآباد
اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے