English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پ پ منارٽي ونگ ضلعي عمرڪوٽ جي سينيٽر پونجو مل ڀيل جي صدارت ۾ گڏجاڻي
50 views
|
22nd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر)پاڪستان پيپلزپارٽي منارٽي ونگ ضلعي عمرڪوٽ جي عهديدارن جي گڏجاڻي اڄ ڀيل هائوس عمرڪوٽ ۾ منارٽي ونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سينيٽر پونجو مل ڀيل جي سرپرستي ۽ ضلعي صدر بنسي مالهي جي صدارت هيٺ ٿي گذري. گڏجاڻي ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 17 ورسي جي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ رٿابندي ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ورسي جي جلسي لاءِ منارٽي ونگ ضلعي عمرڪوٽ پاران ٻن بسن جو قافلو ضلعي تنظيم سان گڏ ضلعي صدر بنسي مالهي ۽ جنرل سيڪريٽري رائيچند ڀيل جي اڳواڻي ۾ شامل ٿيندو. قافلو 26 ڊسمبر تي عمرڪوٽ مان روانو ٿيندو، رات جو شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي مزار ڏيئن جي ڀيٽا ڏني ويندي. گڏجاڻي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي منارٽي ونگ ضلعي عمرڪوٽ جو جنرل سيڪريٽري رائيچند ڀيل، سينئر نائب صدر راجا رامچند مالهي، جوائنٽ سيڪريٽري ڀانجي ڀيل، ڊاڪٽر صالو رام آچاراڻي، پهلاج راءِ ڀيل ۽ ٻين عهديدارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
لکي غلام شاهه ۾ ناري فائونڊيشن پاران معذورن ۾ ويل چيئر ورھائڻ واري تقريب منعقد
13th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاڪستان، انڊونيشيا: دفاعي تعلقات جو نئون دور
13th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايران ۾ آمريڪا جي مداخلت کليل سازش آهي ..!!
13th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عالمي امن جو قاتل،دنيا ٽرمپ جي جاگير ناهي...؟
13th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ويجهو ڦل لنڪ روڊ تي حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي
13th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ڀينس ڪالوني جي گول گرائونڊ ڀرسان فائرنگ ۾ ٻارڙن سميت 6 ڄڻا زخمي
13th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڳاڙهو پوليس پاران واپاري جي دڪان مان چوري ٿيل رقم رڪور ڪرائڻ جي دعويٰ
13th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير بار جي اڳوڻي نائب صدر فقير عبدالقادر شر جي گاڏي تي فائرنگ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پ پ منارٽي ونگ
عمرڪوٽ
ڀيل هائوس
0 تبصرے