English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو پوليس پاران منشيات فروشڻ خلاف سرچ آپريشن، 11 ڄڻا گرفتار
25 views
|
06th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
پوليس منشيات، ڏوهن جي عادي مجرمن، گٽڪا، مين پڙيون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائيون ڪيون
ٺٽو( شفيق ڀٽي)ٺٽو پوليس پاران سرچ آپريشن ذريعي 10 گٽڪا وڪرو ڪندڙ جوابدار ۽ 1 منشيات فروش سميت 11 جوابدار گرفتار، مٿن ڪيس داخل، گرفتار جوابدارن وٽان گٽڪي مائي جا 2400 پيڪيٽ، 360 ڪلو گٽڪو، 1 ڪرولا ڪار، 1 رڪشا لوڊر، 1 موٽرسائيڪل ۽ 450 گرام چرس هٿ ڪيو ويو. ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان جي حڪم تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو جي هدايتن تي ٺٽو پوليس منشيات، ڏوهن جي عادي مجرمن، گٽڪا، مين پڙيون وڪرو ڪندڙن خلاف ڇاپامار ڪارروائين جو سلسلو جاري، ايس ايس پي ٺٽو جي حڪم تي ٺٽو، گهارو، ڌاٻيجي، ساڪرو، ڳاڙهو، ڪيٽي بندر ۾ سي آءِ اي ٺٽو پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري 10 گٽڪا وڪروڪندڙ، محمد نياز بروهي، محمد عثمان جوکيو، غلام شبير جاکرو، گلزار ملاح، محمد عثمان ڪنڀار، دائود ملاح، امان الله خاصخيلي، رحمت الله عرف ٽپي پٺاڻ، رحمت الله عرف ڪارو ملاح، قربان علي جوکيو ۽ هڪ منشيات فروش مامون گندرو کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 2400 پيڪيٽ گٽڪا ماوا، 360 ڪلو گٽڪا گُٽڪي جو مٽيريل، 1 ڪرولا ڪار، 1 رڪشا لوڊر، 1 موٽرسائيڪل ۽ 450 گرام چرس هٿ ڪري گٽڪا ايڪٽ ۽ نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت لاڳاپيل پوليس اسٽيشنن تي. الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
12th Dec 2025
•
سندھ
بحریہ ٹاؤن کے قریب کار ٹریلر سے ٹکرا گئی، ایک ہی خاندان کے 3 افراد جاں بحق، 1 زخمی
12th Dec 2025
•
پاکستان
نادرا کی جانب سے پیدائش، موت، شادی اور طلاق کی آن لائن رجسٹریشن کے لیے ایپ متعارف
12th Dec 2025
•
سندھ
سندھ اسمبلی اجلاس: اسپیکر نے صوبائی ترجمان سمعتا افضال کو ڈانٹا
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو پاران پوليو مهم جو باقاعده آغاز
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو مهم بابت اجلاس
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ڄام واهه جي ڳوٺ عرس جاکرو واسي عورتن جو ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو پوليس
سرچ آپريشن
0 تبصرے