English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان پروگرام منعقد
204 views
|
12th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ، وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل ميان خالد ولھاري ۽ ٻيا شريڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ضلعي انتظاميا عمرڪوٽ پاران سماجي تنظيم ايس پي او ۽ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي گڏيل سھڪار سان پوليو فري پاڪستان توڙي ان جي جاڳرتا مھم، موسمي تبديلي ۽ اسان سڀ هڪ آھيون جي سري هيٺ سنڌي ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ جي حوالي سان بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ ھڪ پروقار پروگرام منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي پروگرام ۾ مھمان خصوصي طور تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ، وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، پرنسپال ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ پروفيسر عبدالرؤف سومرو، ڊبليو ايڇ او جي ايريا ڪوآرڊينيٽر ميرپورخاص ڊويزن ڊاڪٽر تاحوڙ خالق عباس، اي پي آئي جي ٽيڪنيڪل آفيسر ميرپورخاص ڊويزن ڊاڪٽر عالم آزاد، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي نھڙيو، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ايسرداس، پوليو جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار کتري، ڊبليو ايڇ او جي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر درگاشنڪر سوٽھڙ، پوليو جي ڪميونيڪيشن آفيسر ارباب منگريو سميت ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پروگرام کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته پوليو ھڪ خطرناڪ بيماري آھي جنھن جو خاتمو ضروري آھي، ھن چيو ته جھڙي طرح ملڪ توڙي صوبي سنڌ ۾ پوليو جي ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آھي ان جي خاتمي لاءِ پوليو مهم جي جاڳرتا جي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي تہ جئين پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي حوالي سان معاشري ۾ وڌ ۾ وڌ سڄاڳي پيدا ڪرڻ گھرجي، ھن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي طور تي پنھنجي مستقبل جي ٻارڙن کي انھي موذي مرض کان نجات ڏياري مستقل معذوري کان بچائڻ گھرجي، ھن چيو ته پوري ملڪ ۾ ھن وقت تائين 59 ۽ سنڌ ۾ ڪل 15 ڪيس پوليو جا ظاهر ٿي چڪا آھن تنھنڪري انتھائي ضروري آھي تہ 16 ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم ۾ اسان جو جيڪو ٽارگيٽ آھي ان ۾ 2 لک 84 ھزار ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا، ھن چيو ته سمورن والدين جي اھا اوئلين ذميواري آھي تہ اھي پنهنجي ٻار کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين ۽ ھڪ ذميوار شھري جو فرض ادا ڪن، ھن وڌيڪ چيو پوليو مهم دوران ڪم ڪندڙ صحت کاتي جا سمورا عملدرآمد اسان جو اثاثو آھن ۽ انھن کي مڪمل سيڪيورٽي ڏني ويندي، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو پروگرام کي خطاب ڪندي چيو تہ پوليو مهم جي سڄاڳي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ھڪ واضح پيغام ڏيڻ جي لاءِ ڪاليج جي شاگردن کي پنھنجي پاڙي توڙي ڳوٺن ۾ وڌ ۾ وڌ مھم ھلائڻ گھرجي ۽ اھو پيغام عام ڪرڻ گھرجي تہ پوليو جي وئڪسين ضروري آھي تہ جيئين اسين سڀ گڏجي پنھنجي ملڪ مان پوليو جو خاتمو آڻي سگھون ٿا، ان موقعي تي پروگرام ۾ ڊاڪٽرن پاران پينل ڊسڪشن ڪيو ويو ۽ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان واضع پيغام ڏنو ويو ته پوليو ھڪ موذي مرض آھي جنھن جي خاتمي لاءِ اسان کي پنھنجي ٻارڙن جي مڪمل وئڪسين ڪرائڻ گھرجي تہ جيئن انھن ٻارڙن جي قوت مدافت ۾ اضافو ٿئي، ان موقعي تي ڊگري ڪاليج جي شاگردياڻين توڙي شاگردن پاران پوليو جي خاتمي توڙي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ٽيبلوز پيش ڪيا ويا ۽ تقريرون پڻ پيش ڪيون ويون، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ عمرڪوٽ ھريش چندر کتري، پروفيسر غلام نبي شاھاڻي، پروفيسر پرتاب راءِ، ڊاڪٽر ليلا پرديپ، اطلاعات کاتي جي محبت سومرو، رميش ڪمار، مينھل ڀٽي، سماجي تنظيم سرسو جي امتياز کوسو، سماجي اڳواڻ عبدالله کوسو سميت بوائز ڊگري ڪاليج جي سوين شاگردن توڙي شاگردياڻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پاران ڪاليج جي شاگردياڻين توڙي شاگردن کي 25000 ھزار انعام پڻ ڏنو ويو ۽ شاگردن کي پوليو ايمبيسٽر جو بيلٽ پڻ ڏنو ويو، جڏھن ته پروگرام جي آخر ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي اڳواڻي ۾ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ کان برائيٽ فيوچر اسڪول جي روڊ تائين ھڪ وڏي واڪ ريلي پڻ ڪڍي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے