ملير: چوڪنڊي قبرستان ۾ پ پ طرفان مچ ڪچهري منعقد، قومي گيتن تي جهمريون

ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، پ پ ضلعي صدر راجا رزاق بلوچ، سليم ڪلمتي، يوسف مرتضيٰ بلوچ ۽ ٻيا شريڪ

ملير: چوڪنڊي قبرستان ۾ پ پ طرفان مچ ڪچهري منعقد، قومي گيتن تي جهمريون

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي تاريخي چوڪنڊي قبرستان ۾ پ پ طرفان مچ ڪچهري، قومي گيتن تي نوجوان جون جهمريون، قبرستان ثقافتي رنگ سان رنگجي ويو، اجرڪن ۽ ٽوپين جا چمڪاٽ، پ پ اڳواڻن ڪارڪنن ۽ علائقي واسين جي وڏي تعداد ۾ شرڪت، هر سال ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي جيڪو هاڻي عيد جهڙي خوشي جهڙي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي لطيف جي سنڌ سڄي سون ۽ سرهاڻ آهي اسان کي فخر آهي ته عظيم ثقافت جا وارٿ آهيون اڳواڻن جو تقريب کي خطاب تفصيل موجب : پ پ ملير ۽ سينيئر اڳواڻ سردار اختر يوسف عارفاڻي طرفان ملير جي تاريخي چوڪنڊي قبرستان ۾ ثقافتي مچ ڪچهري ڪئي وئي جنهن ۾ قومي گيتن تي نوجوان جون جهمريون هڻي سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو ۽ قبرستان ثقافتي لباس اجرڪن ٽوپين ثمٽار ۾ جهرڪي پيو هر طرف اجرڪن ۽ ٽوپين جا چمڪاٽ هئا، تقريب ۾ پ پ اڳواڻن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، پ پ ضلع ملير جي صدر ۽ ايم پي اي راجا رزاق بلوچ، صوبائي صلاحڪار ايم پي اي سليم ڪلمتي، ايم پي اي يوسف مرتضيٰ بلوچ، چيئرمين ابراهيم حيدري ٽائون نذير احمد ڀٽو، امداد جوکيو، چيئرمين گڏاپ ٽائون طارق عزيز بلوچ، چيئرمين ملير ٽائون جان محمد بلوچ، وائيس چيئرمين ابراهيم حيدري ٽائون رفيق دائود جت، ابراهيم حيدري جي پارليماني ليڊر سردار اختر يوسف عارفاڻي، ملير ٽائون جي پارليماني ليڊر رياض بلوچ، پ پ جي سينيئر اڳواڻن ماما غني ڪلمتي، مکي اودهامل، آفتاب کوسو، حاجي منظور عارفاڻي سميت ڪارڪنن ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هر سال ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي جيڪو هاڻي عيد جهڙي خوشي جهڙي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي پ پ جي اڳواڻ ۽ ملڪ جي صدر آصف زرداري اسلام آباد سميت مختلف اعلي ايوانن ۾ سنڌي ٽوپي پائي ثقافت کي اجاگر ڪيو جنهن بعد سنڌي ميڊيا ثقافت کي اڀاريو هنن چيو ته لطيف جي سنڌ سڄي سون ۽ سرهاڻ آهي اسان کي فخر آهي ته عظيم ثقافت جا وارٿ آهيون