عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم سڪار ويلفير آرگنائيزيشن پاران عورتن تي تشدد جي خاتمي جي حوالي سان سيمينار منعقد

هر سال سڄي دنيا ۾ 25 نومبر کان 10 ڊسمبر تائين عورتن تي تشدد جي خاتمي جون سرگرميون منعقد ڪيون وينديون آهن: مقرر

عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم سڪار ويلفير آرگنائيزيشن پاران عورتن تي تشدد جي خاتمي جي حوالي سان سيمينار منعقد

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سماجي تنظيم سڪار ويلفير آرگنائيزيشن عمرڪوٽ ۽ چانن ڊولپمنٽ ايسوسئيشن (CDA) پاڪستان جي سهڪار سان ينگ اُمنگ پاڪستان منصوبي جي تحت 16 ڏينهن جي دروان پوري دنيا جا ماڻهون، عورتن ۽ ڇوڪرين تي تشدد جي خاتمي لاءِ متحد ٿيندا آهن، هن سلسلي ۾ هر سال دنيا ڀر ۾ 25 نومبر عورتن تي تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن کان وٺي 10 ڊسمبر تائين انساني حقن جي عالمي ڏينهن تائين صنفي بنيادن تي تشدد جي خلاف 16 روزه سرگرميون منعقد ڪيون وينديون آهن انهن 16 ڏينهن جي دوران دنيا ڀر جا ماڻهو عورتن تي تشدد جي خلاف هڪ آواز ٿيندا آهن، شوڪت سومرو ايڊ منسٽيٽر ٿر نرسنگ انسٽيٽيوٽ عمرڪوٽ سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته 16 ڏينهن 25 نومبر 1960 ۾ عورتن جي حقن ۽ آمريت جي خلاف جدوجھد ۾ سزائي موت جو شڪار ٿيندڙ ڊومنڪن ريپبلڪ جي ٽن ڀيڻن جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي اقوام متعده پاران 1999 کان 25 نومبر جي ڏينهن کي باقاعده طور تي عورتن جي خلاف ٿيندڙ تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن تسليم ڪيو ويو. هن سال عورتن ۽ ڇوڪرين تي تشدد خلاف عالمي ڏينهن جو عنوان آهي بيجنگ + جي طرف، عورتن ۽ ڇوڪرين تي تشدد جي خاتمي لاءِ هڪ آواز ٿيڻ آهي، سيمينار کي خطاب ڪندي سماجي اڳواڻ ۽ سڪار ويلفئر آرگنائيزيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊاريڪٽر ايڊوڪيٽ محمد بخش ڪنڀر چيو ته ينگ اُمنگ پاڪستان منصوبي جو مقصد آهي ٻالڪپڻ جي شادين کي روڪڻ، عورتن ۽ ڇوڪرين جي توليدي صحت کي بهتر بنائڻ، صنفي امتيازي سلوڪ جو خاتمو، نوجوانن کي بهتر صحت ۽ بهتر ماحول فراهم ڪرڻ، زندگي گذارڻ جي مهارتن (LSBE) جي تعليم کي فروغ ڏيڻ ۽ نوجوانن جي هر شعبي ۾ بامقصد ۽ ڀرپور شموليت آهي،انگن اکرن مطابق دنيا ڀر ۾ هر ٽن عورتن مان هڪ عورت پنهنجي زندگي ۾ صنفي يا جنسي تشدد جي شڪار کي منهن ڏئي ٿي. انهن مان 40% کان گھٽ پنهنجي لاءِ ڪنهن قسم جي مدد طلب ڪن ٿيون ۽ انهن مان صرف 10% پوليس کان مدد وصول ڪن ٿيون پوري دنيا ۾ 50% قتل ٿيندڙ عورتون پنهنجي رشتيدارن ۽ ويجھن عزيزن ۽ ساٿين جو شڪار ٿين ٿيون، ايڊووڪيٽ راگيشوري سب انسپيڪٽر اينٽيڪرپشن اسٽيبليشمينٽ سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ننڍي ڄمار ۾ شادين جو رجحان به عام آهي هر سال 4.6 ملين ڇوڪرين جي شادي 15 سال تائين پهچڻ کان پهريان ئي ٿئي ٿي. پاڪستان ۾ هر 6 مان 1 ڇوڪري جي شادي ننڍي ڄمار ۾ ٿئي ٿي جنهن جي ڪري 55% عورتون رت جي گھٽتائي جو شڪار آهن ۽ پاڪستان ننڍي ڄمار جي شادين جي حوالي سان عالمي درج بندي ۾ 6 هين نمبر تي آهي، تعلقه ايجيوڪيشن آفيسر غلام مرتضيٰ سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته گلوبل جينڊرگيپ 2024 رپورٽ جي مطابق پاڪستان 146 ملڪن مان 145 نمبر تي آهي UNFPA جي انگن اکرن جي مطابق پاڪستان ۾ عورتن جي تحفظ جي قانونن تي عمل مطابق عورتن تي تشدد خلاف سزا جي شرح 2% آهي.ننڍي ڄمار جي شادي، جبري شادي، سنڱ چٽي، ڪاروڪاري،ڇوڪرين جو وڪرو، صنفي تشدد، گھريلو تشدد عورتن جي حقن جي وڏي خلاف ورزي آهي،مشتاق علي ڪنڀر پي آر او ڊي سي آفيس عمرڪوٽ چيو ته اقوام متحده جا ادارا هن مقصد لاءِ پرعزم آهن ته عورتن تي ٿيندڙ تشدد کي روڪڻ لاءِ حڪومتون قومي ۽ صوبائي ادارا، گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.عالمي ادارا هن ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته هڪ مضبوط، مستقل ۽ جٽادار ترقي جا حدف (SDGs) کي حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن تي تشدد جو خاتمو ضروري آهي، رمشا يوٿ اڳواڻ چيو ته پاڪستان عورتن جي حقن جي حوالي سان مختلف ڪنوينشن، مهاعدن، قانونن تي صحيون ڪيون آهن ۽ جنهن ۾(UNCRC) (CEDAW), (UDHR),(SDGs) سر فهرست آهن ۽ جيڪي عورتن جي حقن کي فروغ ڏين ٿا پر علميو اهو آهي ته انهن جڙيل قانونن تي مڪمل عمل ٿيڻ ۾ گھڻيون ئي مشڪلاتون آهن سرڪاري کي انهن ڪنوينشن ۽ قانونن تي مڪمل طور تي عمل ڪرائي عورتن ۽ ڇوڪرين کي محفوظ ۽ صنفي بنيادن تي تشدد کان بچائي خودمختيار۽ خوشحال عورت بڻائي سگھجي ٿو، سيمينار کي سروپچند مالهي،سوشل ویلفئر ڈپارٹمینٹ عمرکوٹ لیکو مل, زارا بلوچ، محمد اقبال سنگراسي ۽ ٻين نوجوان اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.