English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي جي ڪوھستاني ڳوٺ جان محمد برفت واسين جو سوين ايڪڙ زمينن تي مبينا قبضي خلاف احتجاج
190 views
|
27th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
اسان جي زمينن تي بااثرن قبضا ڪري ھٿياربند ويھاري رستا ۽ لنگھه بند ڪري ڇڏيا آهن: مير محمد برفت ۽ ٻيا
ٺٽو (ڊ ر) ٺٽي جي ڪوھستاني ڳوٺ جان محمد برفت جي رھواسين جي سوين ايڪڙ زمينن تي بااثر ماڻھن پاران ٿيل قبضا خالي ٿي نہ سگھيا، متاثر ڪيترن ئي رھواسين پاران سندن زمينن تي بااثر ماڻھن پاران قبضا ڪري پنھنجا ھٿياربند ماڻھون ويھاري مقامي ماڻھن جا رستا ۽ لنگھ بند ڪري کين بلاجواز خوفزدہ ڪري کين پنھنجي ئي ملڪيتن مان بيدخل ڪرڻ واري عمل خلاف متاثر ڳوٺاڻن مير محمد برفت، محمد عمر برفت، سائين بخش برفت، بچندو برفت، عرس، لونگ، علي بخش، علي خان، جمع، عمر، مٺو، اشرف، محمد عيسيٰ، ميرخان، چنگيز، حاجي، يوسف برفت دانھيندي الزام ھڻندي چيو آھي تہ سندن ڪوھستاني روڌ مڪان ۽ کاکڙ مڪان ۾ سوين ايڪڙ ڪاعذن واريون اباڻيون زمينون آھن، جن تي رات وچ ۾ ھڪ بااثر شخص مير لکي زبردستي قبضو ڪري پنھنجا ھٿياربند ماڻھون ويھاري ڇڏيا آھن، جن سندن رستا بند ڪري کين خوفزدہ ڪري پوليس معرفت سخت پريشان ڪري نقصان جون ڌمڪيون پيا ڏين، جن مان کين نقصان جو انديشو آھي، ھنن چيو تہ ھنن ايس ايس پي ٺٽو، ايس ايس پي ڄامشورو، ڊي سي ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت سمورن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي لکت ۾ درخواستون ۽ دانھون ڏيڻ سميت احتجاج ڪيا آھن، پر سندن ڪير بہ داد فرياد ڪرڻ وارو ناھي، بااثر قبضاگير شخص کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي سندن ملڪيتون ڦٻائڻ چاھي ٿو، جنھن ڪري مقامي رھواسي خوف ۾ ورتل آھن. ھنن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ، وزير اعلي سنڌ سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ ساڻن انصاف ڪري سندن زمينن تي ٿيل قبضو خالي ڪرائي زمين سندن حوالي ڪري قبضاگيرن ۽ انھن جي ساٿي ھٿياربند ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفّظ مھيا ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ سان گڏ انصاف لاء عدالت جو در کڙڪائينداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪوھستاني ڳوٺ
ڳوٺ جان محمد برفت
ٺٽو
0 تبصرے