افشان جمالي جو قتل، عورتون ۽ اسان جو سماج

ثوبيا کوسو

افشان جمالي جو قتل، عورتون ۽ اسان جو سماج

هڪ افسوس جوڳي خبر ٻڌڻ ۾ آئي ته بکر جمالي جي ڪميشن پاس سبجيڪٽ اسپيشلسٽ نياڻي افشان جمالي کي سندس مڙس ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو آهي، افشان جمالي جنهن دبئي ۾ پڙهائي پوري ڪئي ۽ سنڌ ۾ ڪميشن جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري سنڌي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ٿي. کيس ٽي ٻار به هيا. سنڌ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ عورت جو قتل ڪا نئين ڳالهه ناهي ، پهرين به اهڙا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن، عورت تي بدڪاري جو الزام هڻي کيس قتل ڪيو ويندو آهي يا وري سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي،  هاڻي عورت جي حوالي سان پنهنجي سماج جي ڳالهه شروع ڪنداسين، عورت جڏهن پيدا ٿيندي آهي ته سئو مان اسي سيڪڙو والدين جي منهن ۾ گهنج پئجي ويندا آهن ۽ کيس ننڍي هوندي کان اهو پيار ناهي ملندو جيڪو ملڻ گهرجي، خاص ڪري ٻهراڙي ۾ ائين چيو ويندو آهي ته ڇوڪري ته گهر ۾ مهمان آهي ڪاش پٽ پيدا ٿئي ها ته پيري جو سهارو ٿئي ها، عورت پيدا ٿيندي ئي مٿس ڪيتريون ئي پابنديون هنيون وينديون آهن،  جيئن اها ڇوڪري پنج سالن جي عمر تائين پهچندي آهي ته ان کي اسڪول ڇڏڻ بدران هٿ ۾ ٻهارو ڏنو ويندو آهي ته هي وٺ ٻهارو ڪڍ يا ٿانؤ مل، پرائي گهر وينديئين ته اسان ماءُ پيءُ جي بي عزتي ته نه ٿئي، ائين ڏهن سالن جي عمر تائين مٿس وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪيون وينديون آهن،  انهن پابندين جي ڪري عورت جسماني توڙي ذهني طور ڪمزور ٿي ويندي آهي، هڪ ٻي ڳالهه به واضع ڪندي هلان ته هن آبهوا ۽ کاڌن جي ڪري ڇوڪري 13 سالن تائين بالغ ٿي ويندي آهي، پر صرف جسماني طور ذهني طور نه، ۽ جيئن جسماني طور اها ڇوڪريءَ بالغ ٿيندي آهي ته سندس هڪدم شادي ڪرائي ويندي آهي ۽ چيو ويندو آهي ته ڇوڪريء جو بار ٿا لاهيون، ۽  تقريبن سندس شادي به سندس کان ڪيترائي سال وڏي مرد سان ڪرائي ويندي آهي، ۽ شادي جي شروعاتي ڏينهن ۾ کيس وڏي اذيت مان گذرڻو پوندو آهي، ۽ انهيءَ ئي مهيني اها ڇوڪري حمل سان ٿيو وڃي ۽ نتيجو اهو نڪرندو آهي جو ڊليوري دوران ئي سئو مان ٽيهه سيڪڙو عورتون فوت ٿيو وڃن، ۽  انهيءَ عورت جا رشتيدار چوندا آهن ته نياڻي کي ايتري ئي ماني نصيب هئي يا چوندا ته قسمت کي ڪير ٿو ٽاري سگهي. پر آئون اهو چونديس ته اها نياڻي جي قسمت نه پر اوهان جي جهالت آهي جنهن ڪري نياڻي فوت ٿي وئي،  انهيءَ نياڻي جا قاتل اوهان آهيو، هڪ نياڻي جنهن کي پڙهائڻ گهرجي ها کيس دنيا ڏسڻ ، گمهڻ سماج کي پرکڻ جو موقعو ڏنو وڃي ها پر اوهان ان کي بنا سندس مرضي پڇي ڪڏهن ملڪيت جي لالچ ۾ قرآن سان پرڻايو ته ڪڏهن وري ان تي بهتان هڻي ان کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪريو ڇڏيو، آئون سڀني مردن جي ڳالهه نٿي ڪيان پر ڪافي مرد جڏهن گهر ۾ ڀيڻ سان والد جو اهڙو خراب رويو رکندا آهن تڏهن اهو ننڍو ٻار (مرد) وڏو ٿي عورت کي پاڻ کان نيچ سمجهندو آهي، ڪريل سمجهندو آهي ، سموري گهر ۽ ملڪيت تي پنهنجو حق سمجهندو آهي، پنهنجي ڪيل هر ڪم کي جائز سمجهندو آهي، ۽ پنهنجي ڀيڻ،زال، تي هر طرح جون پابنديون هڻندو آهي، ۽ وڏي ۾ وڏو ظلم ته اهو ڪيو ويندو آهي ته  بنا سندس مرضي/ رضامندي جي سندس شادي ڪرائي ويندي آهي، خاص طور هتي جيڪڏهن ڪو مرد موالي هوندو آهي يا برن ڪمن ۾ ملوث هوندو آهي تڏهن چيو ويندو آهي ته ان مرد جي شادي ڪرايو پاڻ ئي سڌري ويندو، موالي سڌرندو ته ناهي پر اها ويچاري عورت عذاب ۾ پئجي ويندي آهي، ۽ ڪافي منهنجو ڀينرون ته اها به غلطي ڪنديون آهن ته مردن جي خواب ڏيکارڻ تي انهن تي اعتبار ڪندي ساڻس حد درجي جي محبت ڪرڻ لڳنديون آهن پر کين اها خبر ناهي هوندي ته جنسي بکيو اهو مرد کين بيوقوف بڻائي رهيو آهي جڏهن هو سڀ ڪجهه قربان ڪندي ان مرد جي پٺيان نڪري وينديون آهن ته ڪجهه مهينن کانپوءِ  ئي مرد طرفان جان آجي ڪرائڻ لاءِ  مٿس تشدد ڪيو ويندو آهي ۽ نتيجو اهو نڪرندو آهي جو يا ته عورت خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي يا وري گهر جي حالتن مڙس جي رويي مان بيزار ٿي ڪنهن ٻي جنسي بگهڙ جي ور چڙهي ويندي آهي، ۽ اهو سلسلو ان عورت جي حياتي تائين ائين هلندو رهندو آهي،آئون والدين کي اهو عرض ڪنديس ته هن جديد دور ۾ جتي عورتون انجنيئر آهن، پائيليٽ آهن ، چانسلر آهن، يونيورسٽين جون پروفيسر آهن، اتي اوهان عورت کي نه پڙهائي ، ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ، قرآن سان شاديون ڪرائڻ ، بنا مرضي ۽ رضامندي جي ناپسنديده شخص سان ناتو ڳنڍي ڇڏڻ ۽ ڪاري قرار ڏيئي بي رحماڻو  قتل ڪرڻ کان پرهيز ڪيو، دنيا اوهان کي جاهل چوندي، غيرت صرف اها ناهي جو پنهنجي ماءُ ، ڌي، ڀيڻ کي مارڪيٽ ۾ سامان وٺندي صرف کلڻ جي ڪري قتل ڪري ڇڏيو، بلڪه غيرت اها چئبي جو اوهان پنهنجي ڌيکي پڙهائي پنهنجي پيرن تي بيهاريو جو هو ڪنهن جي به محتاج نه رهي، پنهنجي ڌيء جي اهڙي ته تربيت ڪيو جو ڪير اوهان ڏي آڱر کڻي به ڏسي نه سگهي، هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ جديد ملڪن جو عورتون پڙهي رهيون آهن تازو ئي انڊيا ۾ چنڊ تي ويندڙ ميزائل موڪلڻ وارين سائنسدانن ۾ گهڻو تعداد عورتن جو هو، ۽ اهي عورتون اهي هيون جن کي سندن والدين لکڻ پڙهڻ جي آزادي ڏني ، گهمڻ ڦرڻ جي آزادي ڏني، ڪافي ماڻهو "عورتن جي آزادي” وارو لفظ ٻڌندا آهن ته انهن جي ذهن ۾ صرف فحاشي جا خيال ايندا آهن مطلب ته هو آزادي کي فحاشي سان ڀيٽيندا آهن ، پر ائين هرگز ناهي، آزادي ۽ فحاشي ۾ فرق آهي، آزادي مان مراد لکڻ پڙهڻ جي آزادي، سياسي سماجي آزادي، جلسن جلوسن ۾ وڃڻ جي آزادي ، عزت جو پورهيو ڪرڻ جي آزادي، صرف  انهيءَ آزادي جي ڳالهه ٻڌي ڪافي ماڻهو اهو چوندا آهن ته اسان بيغيرت ناهيون جو اها آزادي ڏيون، آئون انهن کان پڇا ڪنديس جيڪڏهن اها آزادي بي حيائي آهي ، جيڪڏهن لکڻ پڙهڻ،ڪاليج يونيورسٽي پڙهڻ بي حيائي آهي ته پوءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا وٺڻ لاءِ سڄو ڏينهن لائن ۾ بيهڻ ۾ ڪهڙي غيرت آهي؟ زرعي زمينن ۾ وڏيرن هٿان گاريون کائڻ ڪهڙي غيرت آهي؟ ائين ناهي منهنجا ڀائرو، دنيا تبديل ٿي رهي آهي، هاڻ دنيا اسان جي سوچ کان به وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي،هي فتوائون، هي ڏند ڪٿائون، قديمي جاهلاڻيون رسمون دنيا ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيون آهن اسان کي به انهن مان جان ڇڏائڻ گهرجي تڏهن ئي وڃي اسان عورت جي مقام ۽ مرتبي کي سمجهنداسين۔