بخشاپور ۾ 3 ڏينهن اڳ قتل ٿيل 5 ڄڻن جي وارثن جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو

بخشاپور پوليس جي لاپرواهي ۽ وقت سر نه پهچڻ ڪري انساني جانيون زيان ٿيون: مظاهرين

بخشاپور ۾ 3 ڏينهن اڳ قتل ٿيل 5 ڄڻن جي وارثن جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو

بخشاپور۾3 ڏينهن اڳ ڊومڪين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران قتل ٿيل پير بخش، برڪت، عيدن، نور احمد جي وارثن پاران قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي انڌي ڦاٽڪ اسٽاپ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، سندن چوڻ آهي ته بخشاپور پوليس جي لاپرواهي ۽ وقت سر نه پهچڻ ڪري انساني جانيون زيان ٿيون، پوليس ٻه ڏينهن گذرڻ بعد به ڪارروائي عمل نه آڻي سگهي آهي، ٿاڻي تائين محمدود بڻيل آهي.پيش آيل واقعي کان پوليس ٿاڻو سڏ پنڌ تي آهي، پوليس صرف رشوت وٺڻ ۾ مصروف آهي. ڪيس 23 جوابدارن تي داخل هجڻ باوجود پوليس ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود آهي.