ڪشمور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار ننهن ۽ پيش امام کي قتل ڪري ڇڏيو

ڳوٺ لدو دشتي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ پنجاب واسي مسجد جو پيش امام گولين جو کاڄ

ڪشمور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار ننهن ۽ پيش امام کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪشمور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، ڊکڻ بنگلو واري علائقي ڳوٺ لدو دشتي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ننھن ۽ پنجاب واسي مسجد جي پيش امام کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو ، جوابدار گل زمان دشتي پنهنجي نوجوان ننھن حنيفان دشتي کي بندوق جون گوليون هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ مسجد جي پيش امام پنجاب جي ڄام پور واسي سيف الله لنڊ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ڪشمور پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو ورتو ، ٻئي پاسي ڪارنھن الزام هيٺ مارجي عورت ۽ پيش امام جو مڙهه تعلقي سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا