ملير: ملڪيت جي تڪرار تان پٽ دوست سان گڏ پيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو، ٻئي جوابدار گرفتار

اعجاز پنهنجي والد محمد اقبال کي قتل ڪيو، هن پنهنجي دوست کي 15 هزار ۽ موبائيل فون ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي: پوليس

ملير: ملڪيت جي تڪرار تان پٽ دوست سان گڏ پيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو، ٻئي جوابدار گرفتار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري ٿاڻي جي حدن ۾ ليبر ڪالوني اندر ڪجهه ڏينهن اڳ پيش آيل انڌي قتل واري واردات کي ملير پوليس ٽيڪنيڪل شاهدن ۽ ڳجهي ڄاڻ جي مدد سان ٽريس ڪندي مقتول جي سڳي پٽ سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي پوليس موجب، ايس پي ملير، ڊي ايس پي سُکڻ ۽ ايس ايڇ او ابراهيم حيدري جي نگراني هيٺ خاص جاچ ٽيمون جوڙيون ويون، جن جديد ٽيڪنالاجي، ٽيڪنيڪل شاهدن ۽ ڳجهي معلومات جي بنياد تي قتل جو معمو حل ڪيو.ابتدائي جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته مقتول محمد اقبال جو پٽ اعجاز ملڪيتي تڪرار سبب پنهنجي پيءُ کي رستي تان هٽائڻ چاهيو ٿي. هن پنهنجي ويجهي دوست شيراز کي سازش ۾ شامل ڪري قتل جي عيوض 15 هزار رپيا روڪ ۽ هڪ آئي فون ڏيڻ جو لالچ ڏنو. پوليس موجب، شيراز لالچ ۾ اچي محمد اقبال کي گهر اندر فائرنگ ڪري قتل ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو پوليس ڪارروائي ڪندي اعجاز ولد محمد اقبال ۽ سندس دوست شيراز کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدارن جي قبضي مان هڪ پسٽل، گوليون، موبائل فون ۽ واردات ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪئي وئي آهي پوليس موجب، واقعي جو ڪيس ابراهيم حيدري ٿاڻي تي لاڳاپيل قانوني قلم هيٺ داخل ڪيو ويو هو. گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ انويسٽيگيشن ونگ حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث ٻين امڪاني سهولتڪارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق انڌي قتل واري ڪيس کي پيشاوراڻي انداز ۾ ٽريس ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪندڙ پوليس ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي کين شاباس ڏني. هن هدايت ڪئي ته ڪيس جي سڀني پهلوئن تي جامع ۽ مؤثر جاچ جاري رکي وڃي ته جيئن واقعي ۾ ملوث هر ڪردار کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ايف آءِ آر موجب، مقتول محمد اقبال تي 23 جون 2026ع جي رات سندس گهر اندر فائرنگ ڪئي وئي هئي. شروعاتي طور واقعي کي ڦر دوران قتل جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر پوليس جي مسلسل جاچ، ٽيڪنيڪل شاهدن ۽ ڳجهي معلومات اصل سازش کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ مقتول جو پنهنجو پٽ ئي قتل جو مرڪزي جوابدار نڪتو