سنڌ جي ترقي لاءِ وفاق هر قسم جي مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهي: احسن اقبال

ن اڳواڻ ۽ وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ٺٽي لڳ ڪوسٽل هاءِ وي پهتو

سنڌ جي ترقي لاءِ وفاق هر قسم جي مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهي: احسن اقبال

ٺٽو(شفيق ڀٽي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو مرڪزي اڳواڻ وفاقي وزير ترقيءَ ۽ منصوبابندي پروفيسر احسن اقبال ٺٽي لڳ ڪوسٽل هاءِ وي پهتو ۽ ڪوسٽل ھائي وي تي مختلف منصوبن جو دورو ڪيو وفاقي وزير سان گڏ سنڌ حڪومت جا نمائندا جنھن ۾ صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل خانه جات سنڌ علي حسن زرداري، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، انفارميشن سيڪٽري سيد محمود عالم شاھ بخاري,ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان ، پيپلزپارٽي ضلعي صدر ٺٽو ايم اين اي صادق علي ميمڻ، ضلعي ڪائونسل چئيرمين حميد پنھنور ،شاھنواز لوھار۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا وفاقي وزير احسن اقبال ڪوسٽل هاءِ وي ڪيٽي بندر روڊ جو دورو ڪيو، جنهن ۾ 37 ڪلوميٽر وفاق طرفان شامل ٿيل آهي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي ترقي لاءِ وفاق هر قسم جي مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهي. سنڌ ترقي ڪندو ته ملڪ ترقي ڪندو، ڇو ته ملڪ جي ترقي لاءِ شهيد بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف جيڪو ميثاق جمهوريت تي صحيح ڪئي هئي، ان تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي ڪوششن سان وفاقي حڪومت ڪوسٽل هاءِ وي، ڪيٽي بندر ميگا پروجيڪٽ جي منظوري ڏني آهي. ان ميگا پروجيڪٽ سان سنڌ ترقي ڪندو محڪمہ ورڪس اينڊ سروسز جي آفيسرن طرفان صوبائي وزير علي حسن زرداري ۽ وفاقي وزيراحسن اقبال کي ترقياتي اسڪيمن، ساحلي پٽي ۽ ڪوسٽل هاءِ وي روڊ جي ترقياتي ڪم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، هن موقعي تي مقامي پيپلز پارٽي جي قيادت رئيس عبدالغني بگهياڙ، چيئرمين ضلع ڪائونسل ٺٽو عبدالحميد پنهور، ممتاز علي ميمڻ، امتياز قريشي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا