پروفيسر منگهارام ملڪاڻي هڪ عظيم ڪردار

تحرير: نزاڪت علي سومرو

پروفيسر منگهارام ملڪاڻي هڪ عظيم ڪردار

مشهور،عالم، اديب، نقاد ،مورخ، ناٽڪ نويس، ڪهاڻيڪار ۽ استاد منگهارام ملڪاڻي 24 ڊسمبر 1896ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ اڌارام شيوڪ رام ملڪاڻي جي گهر ۾ سندس جنم ٿيو، منگهارام شيوڪ رام جو وڏو پٽ هو سندس ننڍو ڀاءُ عالمچند ۽ هڪ ڀيڻ هئي ڪجھ وقت کان پوءِ هن جي ماءُ گذاري وئي ۽ هن جي پيءُ ٻي شادي ڪئي. پروفيسر شروعاتي تعليم حيدرآباد جي هڪ اسڪول مان ورتي هن ميٽرڪ پاس ڪري ڪراچيءَ جي ڊي جي ڪاليج سنڌ ۾ داخلا ورتي هي ميٽرڪ جي امتحان ۾ پوري سنڌ ۾ چوٿون نمبر آيو. ۽ پنهنجي اسڪول ۾ پهريون نمبر جنهن تي کيس 25 رپيا انعام مليو جن مان 17 ڪتاب خريد ڪري آيو. 1919ع ۾ بي اي ڪرڻ کان پوءِ پيءُ جي چوڻ تي زمينداري سنڀالي سندس زمين حيدرآباد جي ويجهو ٽنڊي محمد خان ۾ هئي.زمينداري واري دور ۾ هن هارين جي حقن تمام گهڻو خيال رکيو هن دوران سندس ادب ڏانهن لاڙو وڌيو ان وقت شاه لطيف ۽ ٽئگور کي کي تمام گهڻو پڙهيو، شاه صاحب جي 100 بيتن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو جن جي نظرثاني مرزا قليچ بيگ ڪئي, ان وقت تازو ٽئگور کي گيتانجلي تي نوبل پرائز مليو هو. منگهارام ٽئگور جي "گارڊنر" جو ترجمو "پريت جا گيت" جي نالي سان ڪيو جنهن جو مهاڳ ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻي لکيو. پروفيسر پنهنجي يادگيرين ۾ لکيو آهي :گارڊنر کي آءُ پنهنجي گيتا سمجهندو هيس ۽ انهيءَ ڪيفيت هيٺ ئي مون ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. ڀيرو مل مهر چند لکيو تہ منگهارام ٽئگور جي شاعراڻن خيالن کي سنڌي ۾ آڻڻ ۽ اصلوڪن خيالن کي قائم رکڻ، منجهس ڪنھن بہ قسم جي مروٽ سروٽ نہ ڪري اعلي ترجمو ڪيو آهي. منگهارام ملڪاڻي ڪجھ وقت کان پوءِ ڊي جي ڪاليج سنڌ ۾ آنرري فيلو مقرر ٿيو جتي ترقي ڪندو پروفيسر جي عهدي تي پهتو. ورهاڱي کان پوء پروفيسر پنهنجي ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءَ سان گڏ بمبئي لڏي ويو. اتي ئي جئہ هند ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو جتان ڊپارٽمينٽ هيڊ جي عهدي تان 1962ع۾ رٽائر ٿيو، پوءِ پنهنجي ننڍي پٽ وٽ ڪلڪتي ۾ رهيو. پروفيسر 50 کن سنڌي ننڍا ناٽڪ لکيا پاڻ جديد سنڌي ناٽڪ جو باني هو اداڪاري ۽ هدايتڪار وسيلي سنڌي اسٽيج کي عروج بخشيو.پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جي لکيل ڪتابن ۾ "سنڌي نثر جي تاريخ" سنڌ جي ادبي تاريخ جو اهم دستاويز آهي. ان کان علاوه ادب جي مختلف صنفن تي سندس ڪتابن ۾ 1 گم ٿيل صندوقڙي "ناول ترجمو ٿيل" 2 قسمت "ناٽڪ" 3 ايڪتا جو آلاپ "ناٽڪ" 4 کن جي خطا 5 انارڪلي 6 پنج ننڍڙا ناٽڪ 7 پنگتي پردا 8 پريت جا گيت 9 گيتانجلي "ترجمو "10 ادبي اصول 11 جيون چهچٽا 12 پاپ ڪين پڃ 13پڇمي ياترا" سفرنامو " 14کڙ کٻيتا پيا ٽمڪن 15 سنڌي نثر جي تاريخ 16 جواني جا جذبا، پيريء جون يادون" نظاماڻو نثر " 17 آخري ڀيٽ 18 سمنڊ جي گجڪار 19 ساهتڪارن جون سمرتيون 20 ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو مختصر جائزو.پروفيسر منگهارام ملڪاڻي 83 ورهين جي عمر ۾ 1 ڊسمبر 1980ع تي وفات ڪري ويو.