20 نومبر "ٻارن جو عالمي ڏينهن"

تحرير نزاڪت علي سومرو

20 نومبر

ٻارن جو عالمي ڏينهن جنھن کي ٻارن جي حقن جو ڏينهن بہ چيو ويندو آهي.

20 نومبر تي پوري دنيا ۾ ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي سي آر سي 1989ع جي ٻارن جي حقن جي ڪنوينشن موجب، ارڙهن سالن کان گهٽ عمر جي ڪنهن بہ انسان کي ٻار چيو ويندو آهي جيستائين قانون ان کي بالغ نہ ٿو سڏي ان جو مطلب تہ هو ٻار آهي ۽ ان کي ٻار جا حق حاصل آهن تنهن ڪري ان سان عزت ۽وقار سان پيش اچڻ گهرجي. ٻارن جا حق بہ انساني حقن وانگر آهن، سي آر سي ۾ ٻارن جي حقن کي پنجن حصن ۾ ورهايو آهي ان ۾ 54 آرٽيڪل شامل آهن جن ۾

بقا ۽ واڌاري جا حق آرٽيڪل 1کان 10. حفاظت، بچاء جا حق 11 کان 23.

شرڪت يا شموليت جا حق آرٽيڪل 24 کان 31.

تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمي آرٽيڪل 32 کان 40.

صحت ۽ بھبود آرٽيڪل 41کان 45.

خاص اضافي حق آرٽيڪل 46 کان 54.

انهن سا گڏوگڏ سي آر سي جا چار بنيادي اصول آهن جيڪي هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن.

1 عدم امتيازي اصول :عدم امتيازي اصول ان ڳالھ جي ضمانت ڏيڻ چاهي ٿو تہ هر ٻار بغير فرق جي، رنگ، نسل، جنس، ٻولي، مذهب، سياسي، سماجي، قومي، پيدائشي حيثيت کي واضع ڪري ٿو.

2 ٻار جي بهترين مفاد جو اصول : ٻارن سان سڀني معاملن ۾ بنيادي طور تي بنيادي اصولن تي غور ڪيو وڃي.

3. زندگي، بقا ۽ واڌ ويجھ جا اصول : هي اصول ٻار کي وڌ کان وڌ معاشي ۽ سماجي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو.

4 شموليت ۽ شرڪت جو اصول : هي اصول ٻارن کي خيالن جو اظهار ڪرڻ ۽ خيالن ۽ راين جي احترام جو حق ڏئي ٿو.

ٻار مستقبل جو معمار هوندا آهن ٻار انساني سماج جو اهم حصو آهن. پاڪستان تعليم جي شرح ۾ دنيا 136 نمبر ملڪ آهي

تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي علم سان. ي انسان شعور جون منزلون ماڻي ٿو.

پاڪستان ۾ 0کان 4 سالن جا ٻار 45 ملين، 5 کان 9 سالن جا 20 ملين، 10کان 14 سالن جا 17 ملين ۽ 15 کان 19 سالن جا 13 ملين ٻار آهن

پاڪستان ايجوڪيشن اسٽيٽسٽڪس جي رپورٽ موجب تعليم جي شرح 59% آهي، 22ملين ٻار اسڪولن کان ٻاھر آهن جن جي عمر 5 کان 16 سالن تائين آهي. ۽ 5 ملين ٻار جن جي عمر 5 کان 9 سالن آهي، تعليم جي زيور کان محروم آهن. ترقيءَ جو دارومدار تعليم تي هوندو آهي.

سنڌ ۾ تقريبن 12 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاھر آهن جيڪو ٻارن جو 44% آهي.جڏهن تہ فري ايجوڪيشن ايڪٽ 2013 موجب هر اهو ٻار جنھن جي عمر 5 کان 16 سال هوندي ان لاءِ تعليم بلڪل مفت ۽ لازمي آهي.