وارهه ۾ عدالت مان حاضري بعد گهر ويندڙ نوجوان ناري هٿياربندن هٿان قتل

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 23 ورهين جي سائڪا ٻگهيو زخمي ٿيڻ بعد اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو

وارهه ۾ عدالت مان حاضري بعد گهر ويندڙ نوجوان ناري هٿياربندن هٿان قتل

وارھہ ۾ عدالت مان واپس گهر موٽندڙ نوجوان ناري هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي وئي، باريجه پاڙي واسڻ 23 ورهين جي سائڪا ٻگهيو سول ڪورٽ مان اغوا ڪيس ۾ حاضري کانپوءِ واپس گهر وڃي رهي هئي ته هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، ناري کي رڪشا ۾ اسپتال پهچايو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. مقتولا جي وارثن ٻڌايو ته سائڪا ٻگهيو ڪجه ڏينهن اڳ اغوا ٿي وئي هئي جيڪو ڪيس سندس ئي برادري جي ذوهيب ٻگهيو خلاف داخل ڪيو ويو هيو جنهن جي سول ڪورٽ ۾ اڄ ٻڌڻي هئي عدالت کان واپس ايندي رستي ۾ جوابدارن مٿس حملو ڪري کيس قتل ڪيو. نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.