سجاول ويجهو ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو دنگل نيشنل اليون کٽي ورتو

ضلع جي ٽوٽل 24 ٽيمن حصو ورتو جنھن مان ٻن ٽيمن نيشنل اليون ۽ شاعر اليون سجاول فائينل ڪولي فاء ڪري ورتو

سجاول ويجهو ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو دنگل نيشنل اليون کٽي ورتو

سجاول(اسپورٽس نيوز)سجاول ويجهو يوسي گهوٽارو جي ڳوٺ سومار پارهيڙي ۾سپرليگ ڪرڪيٽ ٽيپ بال ٽورنامنٽ جو فائينل ميچ ٿي گذريو. ڪرڪيٽ ٽيپ بال ٽورنامنٽ جي فائينل ميچ ۾ پي پي ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي مھمان طور خصوصي شرڪت ڪئي. تفصيل موجب. سجاول ويجھو يوسي گهوٽارو جي ڳوٺ سومار پارهيڙي ۾ سپرليگ ٽيپ بال ٽورنامنٽ ٿي گذريو جنھن ۾ سجاول ضلع جي ٽوٽل 24 ٽيمن حصو ورتو جنھن مان ٻن ٽيمن نيشنل اليون ۽ شاعر اليون سجاول فائينل ڪولي فاء ڪري ورتو. جنھن جو گذريل ڏينھن فائينل ميچ ٿي گذريو. سپر ليگ ڪرڪيٽ ٽيپ بال ٽورنامنٽ جو ٽاس شاعر ٽائيگر کٽي ڪري پھرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. شاعر ٽائيگر اليون پھرين بيٽينگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ نيشنل اليون جي بالرن اڳيان ٽڪي نه سگھي پوري ٽيم صرف 73 رنسون ٺاهي سگھي , جواب ۾ نيشمل اليون جي رانديگرن شاعر ٽائيگر جي ڏنل 73 رنسن جو ٽارگيٽ اويس شاعر جي بھترين بيٽنگ جي بدولت ھڪ وڪيٽ جي نقصان تي آساني مڪمل ڪري فائنل پنهنجي نالي ڪري ورتو , فائنل کٽٽندڙ ٽيم نيشنل اليون جي ڪپتان سيد مختيار شاهه کي مھمان خاص پ پ ايم اين اي سيد اياز علي شاه شيرازي پاران 25000 ھزار ڪيش ۽ ونر ٽرافي ڏني ۽ ھارائڻ واري ٽيم کي 20000 ھزار ڪيش ۽ رنر ٽرافي ڏني ان موقعي تي اسپورٽس فوڪل پرسن اشرف شاعر , سينئر صحافي فقير اسمعيل کتري پڻ موجود ھئا.