ڪراچي: سنڌ سرڪار سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ٺاهڻ واري معاملي تي سخت اعتراض واري ڇڏيا، نون ڪينالن وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايجنڊا م شامل ڪرڻ جو مطالبو, ٻين الصوبائي رابطن واري کاتي پاران وفاقي سرڪار کي خط، ڪينالن وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جي گهُر, وڏي وزير جي هدايتن تحت سنڌ جي بين الصوبائي رابطن واري کاتي پاران گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي خط لکي منصوبي تي سخت اعتراض واري ڇڏيا
سنڌ حڪومت خط ۾ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ سُڪي پئي، وفاق وري نوان ڪينال ٺاهي پيو وڃي، جيڪي ڪئنال ڪڍڻ جا منصوبا آهن، انهن لاءِ پاڻي ڪٿان کان بچائي ڪري انهن ڪيئنالن ۾ڇڏيو ويندو؟، چولستان ڪئنال جيڪو 4 هزار ڪيوسڪ جو آهي، 6 لک زمين آباد ڪندو، سنڌ ۾اڳئي ئي پاڻي جي کوٽ رهي آهي، نوان ڪئنال ڪڍڻ جي ضرورت ناهي، ان ڪئنال لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ڪهڙن ڪئنالن مان پاڻي بچائي چولستان ڪئنال ۾پاڻي ڇڏيو ويندو، ڊائون اسٽريم ۾پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ جي ڪري سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ اهو تيزي سان سلسلو جاري آهي،
فيبروري 2024ع جي ايڪنڪ جي ميٽنگ جي فيصلي جو حوالي ڏيندي سنڌ حڪومت چيو آهي ته پاڻي معاملي بابت جيڪڏهن ڪنهن به صوبي کي اعتراض هوندو ته اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾رکيو ويندو، تنهنڪري سي سي آءِ جي ايندڙ گڏجاڻي ۾اهو معاملو ايجنڊا ۾شامل ڪيو وڃي
0 تبصرے