پاڻيءَ ڪنهن به ملڪ، خطي، وطن ۽ کنڊ جي حياتي جو اهم سبب آهي، پاڻيءَ کان سواءِ زمين جي گولي تي جاندار، وڻ، ٽڻ، پکين ۽ نباتات جو وجود ممڪن ئي ڪونهي نه ئي وري ڪوبه ملڪ ۽ ڪابه قوم ترقي ڪري سگهي ٿي، بلڪ ان سرزمين تي ڏڪار، بُک، بدحالي ۽ بيروزگاري واڪا ڪندي آهي. آفريڪا کنڊ جون حالتون اسان جي سامهون موجود آهن جتي اڄ به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماڻهو اٽي، لٽي ۽ اجهي کان محروم توڙي پٿر جي دور واري حياتي گذارڻ تي مجبور آهن. سنڌ جي ڌرتيءَ جيڪا صدين کان قائم دائم آهي، هي خطو زمين جي گولي تي سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته ۽ جدت جي لحاظ کان به اڳتي رهيو جنهن جو چٽو ثبوت مئن جي دڙي جي تاريخ مان ملي ٿو. سنڌو جيڪا ڪروڙين ماڻهن جي پيٽ پالنا ۽ خوراڪ جو بندوبست ڪري ٿي
ان جو سبب هتان جي زرعي لحاظ کان خوشحالي ۽ سنڌوءَ جو پاڻي آهي. سنڌو نديءَ صدين کان نه فقط سنڌ بلڪه گلگت بلتستان کان ويندي پنجاب جي ڪروڙين ماڻهن جي جياپي جو بنيادي ذريعو آهي. تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته دنيا جون وڏي ۾ وڏيون تهذيبون دريائن تي وڌيون ۽ ترقي جون منزلون ماڻيون آهن. سنڌو درياهه به ائين ئي سنڌو تھذيب جي سڃاڻپ آهي.
سنڌ جي ٻين اهم بنيادي مسئلن سان گڏ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي ڌاڙو، سنڌو درياهه مٿان ڊيم ٺاهڻ، ڪينال ڪڍڻ سنڌ جا اهم مسئلا آهن. آدمشماري، ٻولي، ڌاري آبادڪاري، “ گرين پاڪستان” نالي طاقتور ڌرين جي منصوبي ذريعي قيمتي زمينن تي والار، ڪارونجهر جي ڪٽائي کان ويندي سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ولار جهڙا اشوز سنڌ جي مستقل مسئلن ۾ شمار ٿين ٿا. حڪمران طبقي پاران 1947ع کان وٺي هن مهل تائين مختلف شڪلين ۾ سنڌ جو استحصال جاري آهي جنهن ۾ بدقسمتي سان هتان جي سڀ کان وڌيڪ عرصو اقتدار ۾ رهندڙ پارٽي به مڪمل طور تي ڀائيوار رهي آهي. هن وقت سنڌ جنهن وڏي ۽ اهم مسئلي کي منهن ڏئي رهي آهي، اهو سنڌو جي پاڻي تي ڇهه نوان ڪينال جوڙي ڌاڙو هڻڻ آهي. ارسا ايڪٽ ۾ غير آئيني ترميم وسيلي ارسا کي وزيراعظم جي ماتحت ڪري اتان چولستان رٿا، جنھن تحت پنجاب جي 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي، ان لاءِ بنا روڪ ٽوڪ مرضيءَ جا فيصلا وٺڻ سان گڏ سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ آهي.
سنڌو درياهه مٿان ڊيم ۽ ڪينال ٺاهي نه فقط سنڌ کي معاشي طور ڌڪ رسايو پيو وڃي، نه صرف سنڌو تهذيب کي ميساريو پيو وڃي پر ان سان گڏ انڊس ڊيلٽا جيڪا دنيا جي پنجين نمبر وڏي ڊيلٽا آهي، ان جو وجود ئي ختم ڪيو ويو آهي. ڊيمن ۽ ڪينالن وسيلي سنڌو درياهه مٿان بند ٻڌا ويا آهن، جنھن سبب سنڌو درياهه جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه پيو ٿئي.
سنڌ سان ٻه اکيائي تي ٻڌل پاليسين سبب انڊس ڊيلٽا هن وقت سُڪل آهي. ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ جو ڇوڙ تمام گهٽجي ويو آهي. جنهن ڪري ضلع ٺٽي ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪي آهي، هزارين ڳوٺ ويران ۽ لکين ماڻهو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، تمر جا ٻيلا ختم ٿي رهيا آهن جڏهن ته مڇي مرڻ جو انگ گهٽجي ويو آهي، جهنگلي جيوت جا ڪيترائي قسم ناپيد ٿي ويا آهن، پکين جا ڪيترائي قسم ختم ٿي ويا آهن.
1991ع واري پاڻي معاهدي تحت 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سمنڊ ڏانھن ڇوڙ ڪرڻو هو پر سال 2000ع کان 2010ع تائين صرف 2008-2009ع ۾ 5.8 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو ويو، جڏھن ته سال 2004-2005ع ۾ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ انڊس ڊيلٽا ڏانھن پاڻي ڇوڙ فقط 0.2 ملين ايڪڙ فوٽ رهيو. ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي هڪ رپورٽ موجب، هن صديءَ جي آخر تائين سمنڊ جي سطح ۾ 60 سينٽي ميٽر جو وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ گھڻو ڪري ڪراچيءَ جي ڏکڻ ۾ ڪيٽي بندر ۽ انڊس ڊيلٽا جا هيٺيان سامونڊي علائقا ان کان متاثر ٿيندا.
ڪجهه رپورٽن موجب 2050ع تائين ٺٽو مڪمل طور تي سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ هوندو. انتهائي تڪليف سان چوڻو ٿو پوي ته اقوامِ متحده پاران جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ سنڌو درياهه کي دنيا جي مرندڙ دريائن ۾ شمار ڪيو ويو آهي. هڪ طرف سنڌو درياهه جي اها صورتحال آهي ته ٻئي طرف موجوده شهباز حڪومت جنهن کي پيپلزپارٽي ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل آشيرواد حاصل آهي ان پاران پنجاب جي چولستان واري علائقي جي لکين ايڪڙ غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌوءَ درياهه مٿان 6 نوان ڪينال ڪڍيا پيا وڃن.
گرين پاڪستان منصوبي تحت صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ انھن ڪينالن ۽ ارسا ايڪٽ ترميم جو اعلان ڪيو ويو. جنهن تي صدر زرداري صحيح ڪري چڪو آهي. ان کانپوءِ سموري سنڌ جاڳي پئي ۽ سنڌ جي سياسي، مذهبي، سماجي تنظيمن سميت سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. 17 نومبر تي “ درياهه بچايو ڪميٽي” پاران ڪراچي کان ڪارونجهر تائين رٿيل احتجاج ان جو چٽو ثبوت هو جنهن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪري حڪمران ڌُر ۽ مقتدر قوتن کي اهو پيغام ڏنو ته “ سنڌ جي عوام سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙو هرگز برداشت ڪونه ڪندو.
هن منصوبي خلاف پ پ کي ڇڏي باقي سموريون سياسي، مذهبي پارٽيون، سول سوسائٽي سميت ساڃاهه وند طبقو احتجاج ڪري رهيو آهي، ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته اقتداري جماعت هجڻ جي ناتي پيپلزپارٽي هن احتجاج جي سرواڻي ڪري ها ڇو ته سنڌ صوبو واحد صوبو آهي جنهن جي عوام کيس لاڳيتو چوٿون ڀيرو کيس ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو آهي جڏهن ته باقي ٽن صوبن ۾ ته کيس پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ به وڏا جتن ڪرڻا پئجي رهيا آهن،
پر افسوس جو سنڌ جي نمائنده جماعت سڏائيندڙ پارٽي پنهنجي اقتدار کي محفوظ ۽ طاقتور قوتن کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ جي هن اهم مسئلي تي بيان بازي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڪيو.
سنڌو نديءَ جيڪاصدين کان ڪشمير کان وٺي عربي سمنڊ تائين ٻنيون، باغ، ڳوٺ، شهر ۽ تهذيبون آباد ڪندو رهيو آهي. ان کي چند فردن يا خاندانن جي لالچ ۽ خوشنودي خاطر وڪرو ڪري سنڌ کي ڀڙڀانگ بنائڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. هن کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا ملڪ جون طاقتور ڌُريون سنڌو مٿان بند ٻڌي پنجاب جي ٿر، ريگستان ۽ رڻ پٽ کي آباد ڪرڻ جا منصوبا ٺاهيا، پر انهن منصوبن ۾ ناڪام ان ڪري ٿيا جو سنڌ جي باشعور عوام باهمت ٿي هڪ آواز بڻجي سندن ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.
اهو نهايت ضروري آهي ته سنڌي عوام خاص طور سنڌ جا آبادگار، هاري، واپاري، رائيس ملز، شگر ڪين ملز جا مالڪان، ننڍي شهرن جا واپاري، هارپي ۽ زمين سان لاڳاپيل مزدورن، ٽريڪٽر، ٿريشر هلائيندڙ ٽيڪنيشن سڀ ڌيان ڏين، اکيون کولين، جيڪڏهن ڇهه نوان ڪينال ڪڍي سنڌو جو پاڻي کسيو ويو ته يقينن مٿي ڄاڻايل سمورا اسٽيڪ هولڊر پنهنجي روزگار کان محروم ٿي ويندا. ھن وقت جڏهن اڳ ۾ ئي سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينون غيرآباد پيون آھن، انھيءَ جو ڪارڻ به پاڻيءَ جي کوٽ آھي. هڪ پاسي ڀارت ۾ نريندرا مودي جي حڪومت اچڻ کانپوءِ الهندي درياهن جي پاڻي کي وڌ ۾ وڌ استعمال ڪرڻ ۽ سنڌ طاس معاهدي ۾ ڦير گهير ڪرڻ گهري ٿو.
ان سلسلي ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ هن چيو هو ته “رت ۽ پاڻي گڏو گڏ نٿا وهي سگهن.” اها ڳالهه انهي طرف اشارو آهي ته هندستان پاڻي جي ورهاست واري سلسلي ۾ ڪا به ڪارروائي ڪري سگهي ٿو، مودي سرڪار انهي معاهدي ۾ ڦير گهير جو چيو آهي جڏهن ته ولاريل ڪشمير مان ايندڙ درياهن مٿان ڀارت اڳ ۾ ئي ڪيترائي ڊئم اڏي پاڻي روڪي ڇڏيو آهي. چولستان ڪئنال لاءِ 211 ارب رپين جو بجيٽ پلان پيش ڪري غير ملڪي سرمائيدارن ڪمپنين کي ڏهه هزار ايڪڙ زمين 20 سالن لاءِ ليز (مقاطعي) تي ڏني وئي آهي.سنڌ جا ماڻهو ۽ ماهر ان رٿا کي سنڌ جي معيشت ۽ ماحول لاءِ انتھائي ھاڃيڪار سمجهن ٿا. جيئن ته، سنڌ جي معيشت جو وڏو دارومدار زراعت تي آهي، جنهن ۾ خاص طور تي سنڌو درياءَ جو پاڻي اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
سنڌ کي اڳ ئي پاڻيءَ جو منصفاڻو حصو نه پيو ملي. جيڪڏهن پنجاب ۾ نوان ڪئنال ٺاهيا ويندا ته سنڌ کي جيڪو لپ پاڻيءَ جو ملي ٿو، اھو به نه ملندو ۽ نتيجي ۾ سنڌ جون زرعي زمينون تباهه توڙي زراعت ختم ٿي ويندي جنهن سان سنڌ جي معيشت کي وڏو ڌڪ لڳندو. هن وقت به سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ سبب غربت ۽ بيروزگاري جو شڪار آهن ۽ پاڻي جي کوٽ سبب ڪيترائي علائقا ڏڪار ۽ خاڪ جي ور چڙهيل آهن جڏهن ته چولستان سميت ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو سندن مسئلن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو.
بنيادي طور تي اهو لازمي آهي ته جيڪڏهن چولستان ڪئنال مان پنجاب کي وڌيڪ پاڻي ملي ٿو، ته سنڌ جي حصي جو پاڻي گهٽجي ويندو، جنهن سان زرعي پيداوار تي اثر پوندو. چولستان ڪئنال رٿا سنڌ جي ماحول تي پڻ سنگين اثر وجهندي. جڏهن پاڻي جو وهڪرو گهٽجي ويندو، ته سنڌو درياءُ جي وهڪري ۾ گھٽتائي ايندي، سامونڊي چاڙھ وڌندو، زمينون لوڻياٺيون ٿي وينديون. ان سان گڏوگڏ تمر جي ٻيلن وارا علائقا پڻ متاثر ٿيندا، جنهن سبب جهنگلي جيوت کي نقصان پهچڻ جو امڪان وڌي ويندو. چولستان ڪئنال رٿا سنڌ جي آبي حقن جي ڀڃڪڙي جي برابر آهي. 1991ع ۾ پاڻي جي ورڇ جو معاهدو ٻنهي صوبن جي پاڻيءَ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ طئي ڪيو ويو هو، پر چولستان ڪئنال ٺاهڻ سان ان معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، جنهن سان سنڌ جي حقن تي ڌاڙو لڳي ٿو.
پيپلزپارٽي پاڪستان ٺهڻ کان ويندي هن مهل تائين سنڌ صوبي مٿان سڀ کان وڌيڪ عرصو حڪمران رهي آهي جڏهن ته گذريل 16سالن کان لاڳيتو سنڌ جي اقتدار تي فائز آهي، سندس دور حڪومت ۾ هڪ طرف سنڌ ۾ ٻٽو بلدياتي نظام، ڪارونجهر سميت قيمتي قدرتي وسيلن جي ڦرلُٽ، بحريه ٽائون کان ويندي ڊي ايڇ اي ۽ هاڪس بي جون لکين ايڪڙ قيمتي زمينون ڀُڳڙن مُٺ عيوض من پسند ماڻهن حوالي ڪرڻ ۽ سنڌ جي عوام کي بنيادي ضرورتن جهڙوڪ تعليم، صحت، صاف پاڻي ۽ روزگار جون سهولتون به فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ۽ سنڌ جي عوام کي بُک، بدحالي، بيروزگاري توڙي ڌاڙيل راڄ جا تحفا ڏنا آهن،
جڏهن ته سندس پارٽي جا اڳواڻ ڪک پتي مان کرب پتي بڻجي چڪا آهن. ان هوندي به سنڌ جي عوام شهيدن جي نالي تي کين هر ڀيري ووٽ ڏئي اقتداري ايوانن تائين پهچايو آهي، پر هاڻي جيڪڏهن سنڌين جي جياپي جي مرڪز سنڌوءَ مٿان ڪينال ۽ بند ٻڌي نڙيءَ تي لَت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ سنڌ ۾ سندن اقتدار شايد گهڻو عرصو برقرار نه رهي سگهندو. سنڌ جي موجوده حڪومت جي چوٿين دور ۾ به سنڌ جو عوام انصاف، امن، تعليم، صحت ۽ روزگار لاءِ واجهائي رهيو آهي.
سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي جي وسيلن جي منصفانه ورڇ کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، ان لاءِ پ پ قيادت کي بيان بازي کان اڳتي وڌي سخت موقف اختيار ڪرڻ گهرجي ڇو ته موجوده وفاقي حڪومت پ پ جي ٽيڪ تي بيٺل آهي، سنڌوءَ مٿان نون ڪئنالن جي ڳالهه هجي يا سنڌ جي وسيلن تي قبضو ٿئي انهن سڀني مامرن جو دفاع ڪرڻ پ پ تي فرض آهي، ڇو ته پ پ 2008ع کان لاڳيتو سنڌ جي عوام جي ووٽن سان هن صوبي مٿان برسراقتدار آهي، اڳتي به پ پ کي سنڌ جي عوام مان ئي اُميدون آهن. جيڪڏهن پ پ وفاقي حڪومت کان سهڪار واپس وٺي ته شهباز حڪومت هڪ ڏينهن به برقرار نٿي رهي سهگي. وفاقي حڪومت کي هن معاملي تي غور ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻي جي ورڇ جي معاملي کي پاڻي ٺاھ تحت حل ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن به صوبي جي حقن جي ڀڃڪڙي نه ٿئي.
سنڌ جي چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته مينڊيٽ جو حق ادا ڪندي سنڌ جي آبي حقن جي تحفظ لاءِ آواز اٿارين. گڏوگڏ، پاڻي ماهرن کي به مختلف فورمن تي هن مسئلي کي اُٿارڻ گهرجي ته جيئن وفاقي حڪومت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن تي دٻاءُ وڌي سگهي. حڪمران ۽ سگهاريون قوتن اها ڳالهه ياد رکن ته جيڪڏهن سنڌو مٿان نوَن ڪئنالن جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سڄي سنڌ جا نه صرف مرد، جوان، پر عورتون ۽ ٻار به گذريل وقت جي جدوجهد کي واپس روڊن رستن تي آڻيندا
سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويندي. سنڌ جو عوام ڪڏهن به پنهنجي حقن ۽ وسيلن تان دستبردار نه ٿيندو نه ئي سنڌو تي ناجائز ڌاڙو برداشت هرگز ڪونه ڪندو. هي حساب جو وقت آهي، سنڌ جي جياپي جو جهيڙو آهي، هن ويڙهه ۾ جيڪو اڳتي اچي پاڻ ملهائيندو مستقبل ان جو ئي هوندو. پيپلزپارٽيءَ جي قيادت جيڪڏهن هن مرحلي تي سنڌ جي عوام سان گڏ نه بيهندي ته ٿي سگهي ٿو ته سندن مفاد پرستي واري سياست جي ڪري هنن جي هٿن مان سنڌ جي اقتدار جا مزا نڪري وڃن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن وقت ملڪ جنهن نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ملڪ جي ٻن صوبن ۾ اڳي ئي گهرو ويڙهه واري صورتحال موجود آهي ان مهل ڪو نئون تڪرار پيدا ڪرڻ بدران موجود تڪرارن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.
جماعت اسلامي سنڌ پاران سنڌ ۾ ٻوڏ، طوفاني برساتن کان ويندي ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال تي هميشه سنڌ جي عوام جي هڙان، وڙان پنهنجي وس آهر مدد ڪئي وئي، ٻوڏ کان پوءِ هزارين ماڻهن کي نوان گهر اڏي ڏيڻ ۽ راشن توڙي خيمن ۾ سندن لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ کان ويندي سنڌ جي هر ٻرندڙ اشو تي اسان صوبي جي عوام سان ٻانهن ٻيلي رهيا آهيون هاڻي به سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف جماعت اسلامي سنڌ جي عوام سان هر فورم تي گڏ بيٺل هوندي ڇو ته سنڌو سنڌ جي 07 ڪروڙ عوام جي ساهه ۽ جياپي جو ذريعو آهي.
0 تبصرے