ابراهيم حيدري سمنڊ ڪناري پاڪستان فشر فوڪ فورم ماھيگير عورتن جي يونٽ جي چونڊ

فاطمه مجيد نئين چونڊجي آيل يونٽ جي اڳواڻن کي مبارڪون ڏنيون

ابراهيم حيدري سمنڊ ڪناري پاڪستان فشر فوڪ فورم ماھيگير عورتن جي يونٽ جي  چونڊ

ملير (عبدالرشيد مورجھريو)ابراهيم حيدري سمنڊ ڪناري پاڪستان فشر فوڪ فورم ماھيگير عورتن جي يونٽ جي اليڪشن ڪرائي وئي جنهن ۾ صدر زليخان محمد، نائب صدر زليخان رمضان، جنرل سيڪريٽري رضيه آصف، جوائنٽ سيڪيٽري رشيده ملاڻي، انفارميشن سيڪريٽري مريم ابوبڪر ۽ خزانچي حوا بابو کي چونڊيو ويو 21 نومبر تي ماھيگيرن جو عالمي ڏھاڙو ابراهيم حيدري ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو، تفصيلات مطابق، ابراهيم حيدري سمنڊ ڪناري موٽاڻي جيٽي تي پاڪستان فشر فوڪ فورم عورتن جي يونٽ ابراهيم حيدري جو جنرل باڊي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ عورتن ۽ فشر فوڪ فورم اڳواڻن وڏي انگ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ابراهيم حيدري يونٽ اليڪشن ٿي گذري جنهن ۾ صدر زليخان محمد، نائب صدر زليخان رمضان، جنرل سيڪريٽري رضيه آصف، جوائنٽ سيڪيٽري رشيده ملاڻي، انفارميشن سيڪريٽري مريم ابوبڪر، خزانچي حوا بابو کي چونڊيو ويو 21 نومبر تي ماھيگيرن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ اعلان ڪيو ويو اجلاس ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم مرڪزي سينئر وائيس چيئرپرسن فاطمه مجيد نئين چونڊجي آيل يونٽ جي اڳواڻن کي مبارڪون ڏنيون ۽ تمام عورتن کي ماھيگيرن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان دعوت ڏيندي چيو ته پاڻ سڀني جي ھي ذميداري پروگرام ڪامياب بڻايون، ۽ مختلف اسٽائل لڳائي ڪلچر شو حصو بڻجو، پنهنجي روزگار جي ڳالهه ميڊِيا زريعي اعلا ايوانن تائين پهچايون، ماھيگير عورتن کي حقيقت ٻدائي ته ڪنهن طريقي سان فشر فوڪ فورم تي قبضو ڪيو ويو ھو ۽ تنظيم کي حقيقي جدوجهد کان ڏور رکيو ويو، اجلاس کي ضلعي ۽ مرڪزي اڳواڻن سعيد بلوچ، مجيد موٽاڻي، ايوب شان خاصخيلي، طالب ڪڇي، اعجاز ميربحر، لطيف ڊوڙائي، يوسف ڪڏاڻي، رقيه عثمان، زليخان محمد، گل بانو، محمد حسن دبلو ۽ ٻيئن اڳواڻن چيو پاڪستان فشر فوڪ فورم ماھيگيرن روزگار جي آواز آھي، جيڪي سمنڊ ۽ درياه سنڌ جي ڪناري آباد ماھيگيرن تنظيم آھي، انهن چيو عورتون اسان جي معاشري حقيقي حصو آھن،