English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رسول بخش پليجي انتھاپسند جي اوندھ کي ختم ڪرڻ لاءِ روشن خيالي ۽ علم جا ڏيئا ٻاريا: اياز لطيف پليجو
views
|
15th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ايازلطيف پليجو 56 سالگرھ جي موقعي تي پنهنجي والد رسول بخش پليجو جي آخري آرام گاھ تي جنگشاهي پھتو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اديب، دانشور، نامياري قانوندان اياز لطيف پليجي جي 56ھين سالگرھ جي موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ تقريبون ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيا ويا. ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ منان شيخ، اشفاق چنڙ، فرحان لاڙڪ، ناھيد جوڳي جي اڳواڻي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو. حيدرآباد قاسم آباد ۾ ضلعي صدر نذير بليدي، معشوق چانڊيو، بابو ميمڻ، ڊاڪٽر الطاف ناگراج، رب ڏنو ملڪ، ٺٽو ۾ ممتاز شيخ، ياسر جاکرو، ميھڙ ۾ ايڊووڪيٽ مير کوسو، سومر چانڊيو، ايڊووڪيٽ منور جتوئي، لاڙڪاڻي ۾ سڪندر لاشاري، اسلم سومرو، جميل لاڙ، نصيرآباد ۾ اڪبر خاصخيلي، عنايت تنيو، ضمير مغيري، ڪاڪا بروھي، ٺل ۾ فريد جعفري، اعجاز ڪنراڻي، وھاب ڪنراڻي، ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي، مٺي ۾ ايڊووڪيٽ شاھنواز ھڱورو، سريش ڪمار، موھن سوجاڻي، ڏھرڪي ۾ محبت سميجو، اختر علي سميجو، ڪمال خان شر، گلشير سميجو، ارشد سنڌي، آفتاب سميجو، ٽنڊو محمد خان ۾ ھاشم ڪنڀر، آمنا ڪنڀر، شڪيل احمد، تنگواڻي: تنگواڻي پريس ڪلب ۾ ارصلاح بهلڪاڻي، ميان بخش ڏاهاڻي، سچل ملڪ، ڊاڪٽر قدرت الله باجڪاڻي، سرور گاجاڻي، منور منگي، ڪنڌڪوٽ ۾ فدا حسين مھمداڻي، شعيب علي ڊومڪي، سجاد احمد بروهي، شاهه علي سھرياڻي، رحمت الله ڇڄڻ، علي مراد سبزوئي، مصطفي اوڳاھي، رميش لال، موتي رام، جيم خانہ حيدرآباد جي صدر ۽ لمس يونيورسٽي جي سنڊيڪيٽ جي ميمبر ڊاڪٽر آعا تاج پاران اياز لطيف پليجو سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، بدين ۾ انيس ميمڻ، رشيد گوپانگ، سانول گوپانگ، بختاور جمالي، شازيہ احمداڻي، ريشمہ سانول ۽ ٻين ڪيڪ ڪٽيو، پريس ڪلب شھدادپور ۾ ايڊووڪيٽ صدام کوسو، رئوف باگراڻي، امير حيدر، ڪامريڊ نارو ڀيل، ڪي اين شاھ ۾ سڄڻ سيتائي، سومر چانڊيو، جاويد چانڊيو، ايڊووڪيٽ صدام ڪلھوڙو، يونس ڪلھوڙو، ڊگھڙي پريس ڪلب ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، ضلع صدر شوڪت نوحاڻي، انور نوحاڻي، عبدالمجيد ڀگهيو، ارباب نوحاڻي، بابو نوحاڻي، منير نوحاڻي، جھمپير ۾ لياقت ٻارڻ، جميل پالاري، فريد پالاري، فريد چانگ، بابر سومرو، وقار درس، پيارعلي پالاري، ممتاز چانگ، جاويد پالاري، زاھد چانگ، غلام رسول بروھي، شاھزيب سومرو، نندوشهر ۾ محمد حسين درس، عبدالرسول ملاح، سليم ملاح، سجاول، عمرڪوٽ، سکر، ٿاڻو بولاخان،گھوٽڪي، وارھ، نئون ديرو، رتوديرو، رزاق آباد، سچل ڳوٺ، ڀٽائي آباد، گلشن حديد، ڪورنگي، ميمڻ ڳوٺ، لياري، خانپور، باڊھ، ميھڙ، دادو، مٽياري، ھالا، شاھپورچاڪر، سڪرنڊ، دولتپور، دوڙ،مويا، شاھ ڪريم، مڪلي، گھارو، ڄامشورو،ڪوٽڙي، نوري آباد، مورو، ھنڱورجا، سيتاروڊ، خيرپورسميت مختلف شھرن ۾ ڪيڪ ڪاٽي سالگرھ ملھائي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ اياز لطيف پليجي سنڌ ٽوڙڻ، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، وسيلن جي ڦرلٽ، زمينن تي قبضن سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف ھميشه جدوجھد جي ميدان تي رھيو آھي. اياز لطيف پليجو سنڌ جو بيباڪ آواز آھي، ھن ملڪ ۽ سنڌ جي ھر فورم تي سنڌ ڪيس دليلن سان پيش ڪيو آھي. ٻئي طرف قومي عوامي تحريڪ جو ايازلطيف پليجو پنهنجي 56 سالگرھ جي موقعي تي پنهنجي والد عظيم مفڪر استاد رسول بخش پليجو سان ڪجھ وقت گذارڻ لاء سندن آخري آرام گاھ تي جنگشاهي پھتو.ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالهائيندي چيو تہ اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجي انتھاپسند جي اوندھ کي ختم ڪرڻ لاء روشن خيالي ۽ علم جا ڏيئا روشن ڪيا۔ ھن سڄي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ عوام کي بيدار ڪيو۔ قومي عوامي تحريڪ رسول بخش پليجي جي ڏسيل واٽ تي ھلي رھي آھي سنڌو درياھ تي ڌاڙي خلاف، ڪرپشن ۽ ٻين سنڌ ۽ ملڪ دشمن منصوبن خلاف جدوجھد جي ميدان تي آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي کان بچائڻ ۽ جمھوريت جي بحالي لاء ايم آر ڊي جا بنياد وجھي آمريت جون پاڙون اکيڙي ڇڏيون۔ ان کان پوء اليڪشن لاء فيصلو ٿيو تہ ايم آر ڊي ۾ گڏ رھندڙ اتحادي ھڪٻئي جي سامھون اميدوار نہ بيھاريندا پر پيپلز پارٽي اقتدار لاء سوديبازي ڪري سنڌ جو حقيقي ڪيس ۽ مظلوم عوام جو آواز ايوانن تائين پھچڻ کان روڪڻ لاء اليڪشن ۾ رسول بخش پليجي جي سامھون اميدوار بيھاري ان جي رستا روڪ ڪئي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو عوام درياھ تي ڌاڙي، زمينن تي قبضن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي جدوجھد جو ساٿ ڏئي. پيپلز پارٽي وٽ سنڌ کي دوکو ۽ ڪرپشن کانسواءِ ڏيڻ لاءِ ڪجھ بہ ناھي. آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي گرين پاڪستان جي نالي م سنڌ کي بنجر بنائڻ واري منصوبي جي غير آئيني ۽ غير قانوني منظوري ڏني آھي، ھاڻ بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ عوام آڏو ڪوڙ ڳالھائي رھيا آھن. سنڌ جو عوام پنھنجي درياھ تي ڌاڙي خلاف رستن تي آھي. چولستان لاءِ 6 نوان ڪئنال سنڌ کي بنجر بنائي ڇڏيندا. گريٽر ٿل ڪئنال، چشمہ، جھلم، تونسا پنجند ڪئنال پ پ حڪومت جا سنڌ دشمن منصوبا آھن، جنھن ذريعي 12 مھينا سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي سنڌ جو پاڻي زبردستي چوري ڪيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي، ڪوھستان، ساحلي پٽي سميت وڏن شھرن جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضا آھن. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن، پاڻي ۽ وسيلن تي ڌاڙا بند ڪيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ، ڪارونجھر، موھن جو دڙو سنڌ جي ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھن. تيل، گئس ۽ ڪوئلي سميت سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا بند ڪيا وڃن.اياز لطيف پليجي چيو تہ پليجي جي جدوجھد مظلوم عوام لاء ھئي، ظالم حڪمراني خلاف ھئي، پليجو ڪرپشن خلاف جنگ ڪئي۔ پليجي جو مقصد ڪنھن کي اقتدار ڏيارڻ لاء ڏاڪڻ بنجڻ نہ ھو۔ ھن درياھ تي ڌاڙي، پاڻي، غير قانوني پرڏيھين، مھاجر صوبي، ون يونٽ، زمينن جي نيلامي، عالمي طاقتن جي ايجنٽ ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي جي ڪرپشن خلاف بي مثال تحريڪون ھلائي لازوال ڪاميابيون حاصل ڪيون۔اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجو سنڌ آھي ۽ سنڌ رسول بخش پليجو آھي۔ پليجي ڪشمور کان ڪارنجھر تائين ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر وڃي عوام کي بيدار ڪري سنڌ ۽ مظلوم عوام جي حقن لاء جنگ ڪئي۔ پليجي ون يونٽ، ضيا شاھي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ کان وٺي ھر حڪومت ۾ ڪرپشن ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجهد ڪئي اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجو سنڌ ۽ مظلوم عوام جو رھبر ھو۔ رسول بخش پليجو ظلم جي ھر صورت خلاف ھو۔ ھن ٻارن، عورتن، اقليتن، ھارين، مزدورن ۽ مسڪينن لاء جنگ ڪئي۔ پليجو صاحب کي جدوجھدن جو وڏو آرٽ ھو۔ رسول بخش پليجي ضيا جي ڪاري دور ۾ لکين ماڻھو گڏ ڪري آمريت کي للڪاريو۔ رسول بخش پليجو خاڪ کي سون بنائڻ جو ماھر ھو۔ ھو سنڌ ۽ مسڪين عوام جي جدوجھدن جو سپھ سالار ھو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجي وڏيرڪي، جاگيردار، سرداري ۽ ڪرپٽ سماج جي گھاڻي ۾ پيڙھجندڙ طبقن کي طاقتور بنايو۔ ھن عورتن، ھارين، مزدورن ۽ ٻارن کي تحريڪن جو اڳواڻ بنايو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجو ڪرپشن، آمريت، انتھاپسندي ۽ عوام دشمن جاگيرداري ۽ سرمائيداري ظلم خلاف جنگ جو نالو آھي. رسول بخش پليجي سنڌ جي عوام کي وقار سان جيئڻ سيکاريو۔ ھارين مزدون ۽ عورتن کي جدوجھد ذريعي سنڌ جو حقيقي محافظ بنايو. رسول پليجو اھا يونيورسٽي ھو، جنھن سنڌ جي عوام کي عالمي ادب، ترقي پسندي، روشن خيالي، انسان دوستي، مظلوميت جو طرفدار، انتھاپسندي، ڪرپشن خلاف ۽ رات جي رھزنن سان وڙھڻ سيکاريو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي کان بچائڻ ۽ جمھوريت جي بحالي لاء ايم آر ڊي جا بنياد وجھي آمريت جون پاڙون اکيڙي ڇڏيون۔ رسول بخش پليجي صاحب جي جدوجھد مظلوم عوام لاء ھئي، ظالم حڪمراني خلاف ھئي، پليجي صاحب ڪرپشن خلاف جنگ ڪئي۔ ھن درياھ تي ڌاڙي، پاڻي، غير قانوني پرڏيھين، مھاجر صوبي، ون يونٽ، زمينن جي نيلامي، عالمي طاقتن جي ايجنٽ ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي جي ڪرپشن خلاف بي مثال تحريڪون ھلائي لازوال ڪاميابيون حاصل ڪيون۔ رسول بخش پليجو قبيلائي دھشتگردي ۽ عورتن جي قتلام خلاف للڪار ھو۔ ھن جرڳائي نظامي خلاف جدوجھد جا بند وڌا۔ رسول بخش پليجو سراپا زندگي ھو۔ ان موقعي تي ايڊووڪيٽ محبوب جوکيو، سليم چنا، ثناءالله وسطڙو، غلام قادر ڪلهوڙو، ايڊووڪيٽ عذير ڪنڀر گڌ هئا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jan 2025
•
دنیا
امریکا بھر میں ٹک ٹاک بند
19th Jan 2025
•
تازہ ترین
ژوب: پاک افغان بارڈر پر دراندازی کی کوشش ناکام، فورسز سے مقابلے میں 5 خوارج ہلاک
17th Jan 2025
•
سندھ
پاکستان ایگریکلچر اینڈ ہارٹیکلچر فورم کے سینئر نائب صدر خالد اعجاز کا حکومت سندھ سے پاکستان کے پہلے اے پی ای زیڈ کی خستہ حالی کا فوری نوٹس لینے کا مطالبہ
17th Jan 2025
•
سندھ
عمران خان اور بشریٰ بی بی کے خلاف عدالتی فیصلہ انصاف کی جیت ہے، اظفر صدیقی
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
شاھراھ ڀٽو ڪراچي جي عوام لاءِ ترقي ۽ عوامي سھولت ۾ پنھنجو ڪردار شروع ڪري ڇڏيو آھي: سمعتا افضال سيد
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور جي سالياني چونڊ ٿي گذري
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد ۾ قتل ٿيل پورهيت زاهد ميراڻي جي چاليهي جي تقريب پپري ۾ ٿي گذري
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ڳوٺاڻي پاران پٽ سميت ڌيءَ جي مبينا اغوا خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
رسول بخش پليجي
حيدرآباد
ڀقومي عوامي تحريڪ
ayaz latif palejo
palijo
رسول بخش پليجو
جنگشاهي
0 تبصرے