ڪشمور ۾ ٻن مغُوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڪيمپ تي دشتي برادري جو چيف سردار ۽ چيف مقدم پهتا

9ڏينهن اڳ ڊکڻ بنگلي مان اغوا ٿيل غلام حسين ۽ آصف علي دشتي جي بازيابي لاءِ احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي

ڪشمور(دلبر جاني)9 ڏينهن اڳ ڊکڻ بنگلي مان اغوا ٿيل غلام حسين ۽ آصف علي دشتي جي بازيابي لاءِ لڳايل ڪيمپ تي دشتي برادري جو چيف سردار مير چاڪر خان دشتي چيف مقدم نور حسن دشتي ۽ ٻيا پهتا، نئون ڏينهن اڳ پنهجي مڇي فارم تي ستل نوجوان آصف علي ۽ غلام حسين دشتي کي هٿيار بند ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا هئا جنهن جي بازيابي لاءِ مسلسل لڳايل ڪيمپ تي اڄ دشتي برادري جو چيف سردار مير چاڪر خان دشتي، چيف مقدم نور حسن دشتي، انجنيئر طارق خان دشتي، راجا قاسم دشتي ۽ ٻيا پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نئون ڏينهن گذري چڪا آهن پوليس اسانجي نوجوانن کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي اسٽيٽ جي رٽ ايتري ته ڪمزور ٿي چڪي آهي جو ڌاڙيل گهرن ۾ گهري ماڻهون اغوا ڪري بنا خوف جي کنيون وڃن ٿا اڳئي به اسان جو پنهنجي برادري جي مسئلن ۾ اهڙي جدوجهد ڪئي آهي جو ڪشمور پوليس باخوبي واقف آهي ڌرڻا به لڳايا روڊ به بلاڪ ڪيوسي هاڻي به اسين پوکي سکي پنهنجي ٻن مغوي نوجوانن آصف ۽ غلام حسين جي بازيابي لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت ڏيون ٿا اگر اسانجا نوجوان پوليس بازياب نه ڪرايا ته اسين سنڌ پنجاب جي دنگ تي اهڙو ڌرڻو هڻندا سين سين جو پوليس جيتري تائين اسانکي مغوي نه ڏيندي اسان روڊ نه کوليندا سين ڀل ڪير به اچي ڇا به چوي اسين آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور کي ٻن ڏينهن جي مهلت ڏيون ٿا فلفور اسانجا ٻئي نوجوان بازياب ڪرائي نه حالتن جا ذميوار پاڻ هوندا