ٻن موبائيلن ۾ سوار پوليس اهلڪار يوسي 4 جي چيئرمين گل حسن بگٽي کي پٽ ۽ ڀائٽي سميت کنڀي کڻي ويا: وارث
ڪراچي (اعجاز چانڊيو)ڪراچي سھراب ڳوٺ ٽائون يوسي 4 جي چيئرمين گل حسن بگٽي کي پٽ ۽ ڀائٽي سميت ٻن موبائيلن ۾ سوار 12 کان وڌيڪ پوليس اھلڪار مبينا طور کنڀي ويا سھراب ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس واقعي کان لاعلم بڻيل آهي۔ سندن وارثن جو چوڻ هو ته سھراب ڳوٺ ٽائون يوسي چار جي چيئرمين گل حسن بگٽي ۽ سندس پٽ نديم بگٽي ڀائٽي نياز ولد عيد گل بگٽي کي ٻن موبائيلن ۾ سوار 12 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار وردي پاتل گھر مان رات 4 وڳي کنڀي ويا سندس گرفتاري اڃا تائين ظاهر ناهي ڪئي۔ جڏھن ته پيپلزپارٽي يوسي چار جي چيئرمين گل حسن بگٽي ۽ سندس پٽ ۽ ڀائٽي جي گرفتاري بابت سھراب ڳوٺ پوليس لاعلم بڻيل آھي. ان حوالي سان گل حسن بگٽي جي پٽ طارق بگٽي پاران سھراب ڳوٺ ٿاڻي تي والد جي بازيابي لاءِ درخواست ڏني آهي جڏھن ته سهراب ڳوٺ ٽائون جي چيئرمين۽ پيپلز پارٽي ضلعي اوڀر جي اڳواڻن جو گل حسن بگٽي جي گرفتاري بابت ڪوبه موقف سامھون نه اچي سگھيو
0 تبصرے