علي اصغر سهاڳ۔ محرم علي۔ علي اڪبر۔ غلام عباس سهاڳ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو
نوشهروفيروز(ڊ ر)درٻيلو شهر ۾ 3 سال اڳ بيدردي سان قتل ٿيل منور علي سهاڳ جي قتل سان انصاف نه ٿيڻ ۽ وارثن تي ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ ان موقعي تي علي اصغر سهاڳ۔ محرم علي۔ علي اڪبر۔ غلام عباس سهاڳ جو چوڻ هو ته ڪراچي پوليس قاتلن جي ونگارو بڻجي الٽو قتل جي مک شاهد عبدالغفار سهاڳ کي گرفتار ڪيو آهي ۽ ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن۔ هنن چيو ته ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ نوڪري ڪندڙ نائب قاصد نادر علي سهاڳ۔ ميهر علي سهاڳ۔ شمس الدين سهاڳ ۽ ٻيا نوڪري جو غلط استعمال ڪندي پوليس کي ڳري رشوت ڏئي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاء ڌمڪائي رهيا آهن جڏهن ته ٺاروشاه پوليس 10 لک رشوت جا پئسا نه ڏيڻ تي قاتلن کي فائدو ڏنو جنهن تي عدالت شڪ جي بنياد تي جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو۔ هنن وڌيڪ چيو ته افسوس قتل به اسان جو ٿيو آهي ۽ ماڻهو به اسان جا گرفتار ڪيا پيا وڃن ۽ گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن۔ هنن سنڌ هاء ڪورٽ جي چيف جسٽس۔ وزير اعلي سنڌ۔ آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته منور علي سهاڳ جي قتل سان انصاف ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ بيگناه گرفتار ٿيل عبدالغفار سهاڳ کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايس پي آفيس نوشهروفيروز آڏو احتجاج ڪيو ويندو
0 تبصرے