اسٽيل ملز مان نيڪالي ڏنل بااثر آفيسرن کي غير قانوني طريقي سان بحال ڪرڻ جو انڪشاف

دائود صادق ڪياني کي عورتن کي حراسان ڪرڻ ۽ اعتراض جوڳيون ويڊيو عام ڪرڻ تي نوڪري مان نيڪالي ڏني وئي هئي

اسٽيل ملز  مان نيڪالي ڏنل بااثر آفيسرن کي غير قانوني طريقي سان بحال ڪرڻ جو انڪشاف

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل ملز مان خارج اڳوڻن بااثر آفيسرن کي غير قانوني طريقي سان بحال ڪرڻ جو انڪشاف، ذريعن موجب اڳوڻو آفيسر دائود صادق ڪياني 31 آڪٽوبر 2024 تي بحال، ليٽر جاري ڪيو ويو، ڄاڻايل آفيسر جي غير قانوني بحالي کي بنياد بڻائي اڳوڻي سي بي اي چيئرمين ۽ ٻين آفيسرن به بحالي جي لاءِ انتظاميا تي دٻاءُ وڌائي ڇڏيو، هزارين نيڪالي ڏنل ملازمن مان هڪ به بحال نه ٿي سگهيو، مزدور اڳواڻن جو احتجاج، اڳوڻو آفيسر دائود صادق ڪياني عورتن کي حراسان ڪرڻ ۽ اعتراض جوڳيون ويڊيو عام ڪرڻ جا الزام انڪوائري ۾ ثابت ٿيڻ تي ملازمت مان خارج ڪيو ويو هو، اڳوڻو سي بي اي چيئرمين سروس ٽربيونل ۾ ڪيس هارائي وڃڻ باوجود 2 ڪروڙ رپيا بقاياجات حاصل ڪرڻ لاءِ بحال ٿيڻ چاهي ٿو مزدور اڳواڻن جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب ملڪ جي سڀ کان وڏي صنعتي اداري اسٽيل ملز جي ملازمتن مان خارج اڳوڻن آفيسرن کي غير قانوني طريقي سان بحال ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ اڳوڻي سيڪورٽي آفيسر دائود صادق ڪياني کي 31 آڪٽوبر 2024 تي سي اي او اسٽيل مل جي هدايت تي انچارج اي ايڊ پي عبدالفتاح پنهنجي صحيح سان ليٽر نمبر 235 جاري ڪندي بحال ڪري ڇڏيو آهي، ڄاڻايل آفيسر جي غير قانوني بحالي کي بنياد بڻائي اڳوڻي سي بي اي يا نيڻ جي چيئرمين ۽ ٻين آفيسرن انتظاميا تي دٻاءُ وڌائي ڇڏيو آهي ته کين به بحال ڪيو وڃي، جڏهن ته هزارن برطرف ملازمن مان هن مهل تائين هڪ به بحال نه ٿي سگهيو آهي، ان عمل خلاف مزدور اڳواڻن احتجاج ڪندي وفاقي حڪومت کي آگاهي ڏني آهي ته اڳوڻو سيڪورٽي آفيسر دائود صادق ڪياني عورتن کي حراسان ڪرڻ ۽ اعتراض جوڳيون ويڊيوز عام ڪرڻ جي انڪوائري ۾ الزام ثابت ٿيڻ تي ملازمت مان خارج ڪيو ويو هو، جڏهن هو سروس ٽربيونل ۾ ڪيس هارائي ويو هو، جنهن باوجود کيس مڪمل طور تي غيرقانوني طريقي سان بحال ڪيو ويو آهي، هن جي بحالي کي بنياد بڻائي اڳوڻو سي بي اي يونين جو بااثر چيئرمين به ڪيس هارڻ ۽ اپيل ۾ وڃڻ باوجود ٻه ڪروڙ رپيا بقاياجات جي حاصلات لاءِ بحال ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي انتظاميا تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي.