گڏاپ ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ملهائڻ ڏوھ بڻجي ويو

عمر بروهي ڳوٺ ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تقريب دوران گلشن معمار پوليس جي چڙهائي

گڏاپ ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ملهائڻ ڏوھ بڻجي ويو

گڏاپ (رپورٽ محمد علي خاصخيلي)شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ملهائڻ ڏوھ بڻجي ويو. نادرن باءِ پاس ويجهو عمر بروهي ڳوٺ ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تقريب دوران گلشن معمار پوليس جي چڙهائي ڪارڪن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش. مزاحمت تي آزاد جيالن جو احتجاج. پارٽي قيادت جي حڪم تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ملهائي رھيا ھئاسين تہ گلشن معمار ٿاڻي جو سب انسپيڪٽر شير محمد شاھاڻي پوليس موبائيلون ساڻ ڪري ورسي تقريب دوران چڙھائي ڪري ڪارڪن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. لياقت بليدي/ سيد اڪبر شاهه ڪاظمي. تفصيل موجب نادرن باءِ پاس ويجهو ضلعي اولهه جي عمر بروهي ڳوٺ ۾ سياسي سماجي ۽ پ پ اڳواڻ سيد احمد شاهه ڪاظمي پاران ڪاظمي ھائوس تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تقريب ملھائڻ دوران اڳواڻن خيالن جو اظهار ڪري رھيا ھئا ته گلشن معمار ٿاڻي جو سب انسپيڪٽر شير محمد شاھاڻي پوليس موبائيلون ساڻ ڪري ورسي تقريب تي چڙھائي ڪري ڪارڪن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري تقريب ملھائڻ کان منع ڪئي ته ڪارڪن پاران لياقت بليدي. سيد احمد شاهه ڪاظمي. سيد اڪبر شاهه ڪاظمي. اياز جلباڻي. فقير محمد چانڊيو. سعد الله سپريو. عبدالحميد جويو. رئيس رمضان رند. سلمان چنه. ڀاڳ ڀري رند. ھوا سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ريلي ڪڍي ڪارڪن پاران پوليس جي ناجائزين خلاف احتجاج ڪيو. مڊيا سان ڳالھائيندي لياقت بليدي ۽ سيد علي اڪبر شاهه ڪاظمي چيو ته اسان کي پارٽي قيادت پاران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 ھين ورسي ملهائڻ جو پنھنجي پنھنجي ضلعن ۾حڪم ٿيو ته اسان عمر بروهي ڳوٺ ڪاظمي ھائوس تي ورسي تقريب ملھائي رھيا ھئاسين تہ گلشن معمار ٿاڻي جو سب انسپيڪٽر شير محمد شاھاڻي پوليس موبائيلون ساڻ ڪري تقريب تي چڙھائي ڪري ڪارڪن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت ڪرڻ تي پوليس ڪارڪن کي ڇڏي ڏنو. جنھن دوران سب انسپيڪٽر شير محمد شاھاڻي چيو ته اوھان ھتي ورسي تقريب ڇو ملھائي رھيا آھيون. جنھن تي اسان کينس چيو ته اسان پارٽي قيادت جي حڪم تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ملهائي رھيا آھيون جنھن تي پوليس سب انسپيڪٽر شير محمد شاھاڻي چيو ته جيڪڏهن توهان ورسي تقريب ملھائي تہ آء اوھان کي دھشتگردي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيندس. اسان ملڪ جي اعلي اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته گلشن معمار ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر شير محمد شاھاڻي پاران ڪيل چڙھائي جو نوٽيس وٺي کينس معطل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي اسان سان انصاف نه ٿيو ته نادرن باءِ پاس ۽ سپر ھاءِ وي بند ڪنداسين.