پورھيت اڳواڻ منظور ملاح پيپلز ليبر بيورو ڪراچي جو سينيئر نائب صدر مقرر

نثار کهڙو تنظيمي مشاورت کانپوءِ پيپلز ليبر بيورو ڪراچي جي عهديدارن جو اعلان ڪيو

پورھيت اڳواڻ منظور ملاح پيپلز ليبر بيورو ڪراچي جو سينيئر نائب صدر مقرر

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليمينٽرين سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو پاران پيپلز ليبر بيورو ڪراچي ڊويزن جو سينيئر نائب صدر منظور ملاح کي عهديدار مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو پيپلز ليبر بيورو سنڌ ۽ پ پ پ ڪراچي ڊويزن ۽ ضلعي جي تنظيمن سان مشاورت کان پوءِ پيپلز ليبر بيورو ڪراچي ڊويزن جي عهديدارن جو اعلان ڪيو ويو آهي جن ۾ ڪراچي ڊويزن جو سينيئر نائب صدر منظور ملاح ۽ ٻين عهديدارن ۾ فهيم صابر، سعيد احمد جدون، سيد لعل، شاهه امين بلوچ، شاهد نديم، وحيد خان ۽ ٻين کي مختلف ذميواريون ڏنيون ويون آهن.