English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي قوم ۽ سنڌ خلاف ڪابه سازش برداشت نه ڪندي، سنڌو سنڌ جي جياپي جو ذريعو آهي: ڊاڪٽر قادر مگسي
views
|
04th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي غازي ڳوٺ ۾ ايس ٽي پي پاران يوم شهداءِ سنڌ تي جلسو منعقد
ڪراچي ( احسان ابڙو ) سنڌي قوم سنڌ جي خلاف ڪابه سازش برداشت نه ڪندي. سنڌو درياءَ سنڌ جي جياپي جو ذريعو آهي ان تي ڪوبه ڪئنال منظور ناهي اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪراچي جي غازي ڳوٺ ۾ يوم شهداءِ سنڌ جي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته سنڌ مٿان مڙهيل جاگيردار طبقو سدائين ونگاري ڪردار ادا ڪندي سنڌ خلاف سازشن ۾ شامل رهيو آهي. جيستائين ان کان اقتدار کسي پورهيت طبقي جي نمائيندن کي اسيمبلي نه موڪليو ويو تيستائين سنڌ مٿان هي غلامي جا ڪارا ڪڪر ختم نه ٿيندا. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته وفاقي حڪومت سنڌو درياءَ مٿان ڪئنال ٺاهي ڇهه ڪروڙ سنڌين جو اجتماعي قتلام ڪرڻ تي چاهي. صدارتي محل کان ويندي سينٽ تائين پ پ پ ويٺل آهي ايستائين جو وفاقي حڪومت به پ پ پ جي سهاري تي بيٺل آهي جيڪڏهن پ پ پ هن سنڌ دشمن فيصلي ۾ شريڪ ناهي ته پوءِ ڇو نٿي وفاقي حڪومت کي پنهنجي ٽيڪ ختم ڪري. پ پ پ خود هن سازش ۾ برابر جي شريڪ آهي صدارتي محل ۾ ويٺل آصف زرداري خود پنهنجي هٿن سان صحيح ڪري ڪئنال ٺاهڻ جو منصوبي جي منظوري ڏئي سنڌ خلاف موت جو پروانو جاري ڪيو آهي. پر اها هنن حڪمرانن جي ڀل آهي سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به صورت پنهنجي سنڌو درياءَ تان دستبردار نه ٿيندا. اهي ساه جي آخري هڏڪي تائين پنهنجي سنڌو درياءَ جي بقاءِ لاءِ جدوجهد ڪندا. ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته نائين نومبر تي حيدر آباد ۾ هٽڙي بائي پاس تي ڌرڻو هڻي احتجاج رڪاڊ ڪرايو ويندو، 20 نومبر تي سڪرنڊ ۾ ڌرڻو هنيو ويندو ۽ 24 نومبر لکين سنڌي گورنر هائوس اڳيان هن سنڌ دشمن منصوبي خلاف پنهنجو احتجاج رڪاڊ ڪرائيندا. يوم شهداءِ سنڌ جي جلسي کي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو ، هوت خان گاڏهي ، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، گلزار سومرو، خيرمحمد مگسي ، عاشق ٿهيم ، پير بخش بهلڪاڻي، اللھورايو عمراڻي اصغر سبزوئي، غلام علي بليدي ۽ ٻين خطاب ڪيو جڏهن ايس ٽي پي جي مرڪزي عاشق سولنگي قومي گيت پيش ڪيو. جلسي ۾ مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري ،امتياز سمون ، گوتم چنا، ڄام شوڪت ابڙو ، امتياز سمون ، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ، جان محمد جوڻيجو، سرواڻ مگسي ، رجب علي مگسي، ڪامريڊ احسان جيھو ، سعيد لکڻ، سميت وڏي انگ ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ سنڌي ماڻهن پاران شرڪت ڪئي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حج - اسلام جو عظيم فريضو ۽ روحاني توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو
05th Jun 2025
•
سندھ
یوبی جی رہنماوں کا500ارب ڈالر کی افریقی درآمدی مارکیٹ کیلئے اسٹریٹجک مارکیٹنگ پر زور
05th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان عالمی ادارہ محنت کی بنیادی اقدار اور محنت کشوں کے حقوق کے تحفظ اور ایک مشترکہ باوقار اور روشن مستقبل کی تعمیر کیلئے تمام شراکت داروں کے ساتھ مل کرکام کرنے کو تیار ہے۔چودھری سالک حسین
05th Jun 2025
•
پاکستان
آئیڈنٹیٹی پاکستان کی پہلی” ہنر مند“ نمائش کا انعقاد قونصل جنرل آف پاکستان ٹورنٹو کینیڈا میں عیدمیلے کے موقع پر کیا گیا
05th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حج - اسلام جو عظيم فريضو ۽ روحاني توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو
05th Jun 2025
•
سندھ
یوبی جی رہنماوں کا500ارب ڈالر کی افریقی درآمدی مارکیٹ کیلئے اسٹریٹجک مارکیٹنگ پر زور
05th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان عالمی ادارہ محنت کی بنیادی اقدار اور محنت کشوں کے حقوق کے تحفظ اور ایک مشترکہ باوقار اور روشن مستقبل کی تعمیر کیلئے تمام شراکت داروں کے ساتھ مل کرکام کرنے کو تیار ہے۔چودھری سالک حسین
05th Jun 2025
•
پاکستان
آئیڈنٹیٹی پاکستان کی پہلی” ہنر مند“ نمائش کا انعقاد قونصل جنرل آف پاکستان ٹورنٹو کینیڈا میں عیدمیلے کے موقع پر کیا گیا
Advertisement
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
سنڌي قوم سنڌ
ڊاڪٽر قادر مگسي
STP
يوم شهداءِ
Advertisement
0 تبصرے