صحافي نبي بخش خاصخيلي جي حمايت ۾ موکي جي مزار کان اولھ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو
ڪراچي (اعجاز چانڊيو) سھراب ڳوٺ ٽائون جي چيئرمين لالا رحيم عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ تي صحافي نبي بخش خاصخيلي کي ھرجاڻي واري نوٽيس ڏيڻ تي اولھ پريس ڪلب جي سڏ تي صحافين. سياسي سماجي اڳواڻن احتجاجي مظاھرو ڪري تاريخ ماڳ موکي جي مزار کان ريلي ڪڍي اولھ پريس ڪلب جي آڏو ڌرڻو ھڻي سخت نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي قلم ڌڻين جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل ھيا. جن ٽائون چيئرمين خلاف سخت نعري بازي ڪئي. ريلي جي قيادت مسلم ليگ ن سنڌ جي نائب صدر غلام سرور تنيو. اولھ پريس ڪلب جي صدر اصغر پتاڻي. مير علي گوھر بلوچ. عبدالعليم ميمڻ. نظير حسين وڌيو. نظير راجپر. بالاچ شاھاڻي. موسي چنه. محمد علي وگھيو. آدم سريلو. سردار مگسي. انڊس پريس ڪلب جي صدر اصغر بروھي. سالم ڏاھري. مجيب برفت ۽ ٻيا ڪري رھيا ھيا. ان موقعي تي اڳواڻن الزام لڳائيندي چيو ته لالا رحيم پنھنجي ڪرپشن کي بچائڻ لاء ھرجاڻي جا نوٽيس اماڻي رھيو آھي. ڏاڍ جي آڏو ڪڏھن به جھڪنداسين. ٽائون چيئرمين پنھنجي واٺن کي سمجھائي جيڪي ميڊيا خلاف غلط الفاظ استعمال ڪري رھيا آھن. اسين اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. لالا رحيم خلاف ٺيڪيدار به دانھين رھيا آھن. ٽائون ۾ من پسند ماڻھن کي نوازي سنڌي وسندين کي نظر انداز ڪيو ويو آھي. ھنن چيو ته لالا رحيم کي پنھنجي غلطي تسليم ڪري معافي وٺڻ گھرجي. ٻي صورت ۾ ايندڙ آچر تي احسن آباد ۾ سندس خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. قلم ڌڻين پ پ پ جي مرڪزي قيادت. صوبائي وزير سعيد غني. ميئر ڪراچي مرتضي وھاب ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته لالا رحيم جي ناانصافين جو نوٽيس وٺي قلم ڌڻين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
0 تبصرے