ڪراچي جي عبدالرحيم ڳوٺ واسين جو پاڻي کوٽ خلاف واٽر بورڊ ۽ ڪي اليڪٽرڪ آفيس آڏو احتجاج

تعصب پرستي جي بنياد تي اسان جي ڳوٺ کي بنيادي سھولتن کان محروم رکيو ويو آھي: ڳوٺاڻا

ڪراچي جي عبدالرحيم ڳوٺ واسين جو پاڻي کوٽ خلاف واٽر بورڊ ۽ ڪي اليڪٽرڪ آفيس آڏو احتجاج

ڪراچي (اعجاز چانڊيو)ڪراچي جي علائقي عبدالرحيم ڳوٺ ۾ بنيادي سھولتن جي اڻھوند خلاف علائقي واسي سراپا احتجاج بڻجي ويا. واٽر بورڊ انتظاميه خلاف عورتن مردن پنھنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ ڪي ڊي اي جي مين دفتر توڙي ڪي اليڪٽرڪ سرجاڻي ٽائون جي آفيس اڳيان پھچي احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي. مظاھرين ايڊووڪيٽ امتياز بروهي شوڪت پتافي ملڪ ارشد زينب بلوچ مسمات شبانه ۽ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مظاهرين پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا. بجلي ڏيو بجلي ڏيو عبدالرحيم ڳوٺ کي بجلي ڏيو جا نعرا هنيا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته عبدالرحيم ڳوٺ ۾ اسان سالن کان رهون ٿا، اسان جي ڳوٺ کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي. پاڻي. گيس سميت ٻيون بنيادي سهولتون ميسر ناهن. واٽر بورڊ عملي ڪي اليڪٽرڪ. يوسي 5 انتظاميه سميت ٻين وس وارن کي لکت ۾ درخواستون ڏيڻ باوجود ڪوبه ٻڌڻ لاء تيار ناھي. احتجاج ڪندڙن چيو ته ڀرپاسي جي علائقن ۾ چائنا ڪٽنگ ذريعي ويٺلن کي پاڻي، بجلي، گيس ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن پر اسان جي ڳوٺ کي تعصب پرستي جي بنياد تي نظرانداز ڪيو پيو وڃي احتجاج ڪندڙن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه. مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب منگهو پير ٽائون چيئرمين علي نواز بروهي ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته عبدالرحيم ڳوٺ کي بنيادي سهولتون ڏئي مسئلا حل ڪيا وڃن