ايس ايس پي ٿرپارڪر ڊاڪٽر سمير نور چنا پينل اسپتال الخدمت اسپتال مٺي جو دورو ڪيو
مٺي (رپورٽر) سنڌ پوليس جي سمورن اهلڪارن جي خاندانن لاءِ صحت انشورنس جو ٿرپارڪر ۾ به آغاز ٿي ويو آهي انهي سلسلي ۾ ايس ايس پي ٿرپارڪر ڊاڪٽر سمير نور چنا پينل اسپتال الخدمت اسپتال مٺي جو دورو ڪيو ۽ انتظاميه کان ڪارڊ بابت معلومات ورتي۔ايس ايس پي سڀني برانچن ۽ شعبن جو تفصيلي دورو ڪيو، علاج لاءِ آيل پوليس اهلڪارن سان ملاقات ڪئي۔ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي ٿرپارڪر ڊاڪٽر سمير نور چنا چيو ته جوان ڀلائي منصوبي کان سنڌ پوليس جا سمورا اهلڪار فائدو حاصل ڪندا. انشورنس تحت اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي بنيادي حد هر خاندان لاءِ 10 لک رپيا هوندي. جڏهن ته حادثن جي صورت ۾ فنڊز جي حد ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ هنگامي علاج، خاص علاج ۾ ڊي ڪيئر سرجري شامل آهن۔انشورنس سان سڀني بيمارين جو علاج، گائني سميت مختلف آپريشن پڻ شامل آهن، جنهن مان اهلڪارن جي والدين ۽ فيملي ميمبرن فائدو حاصل ٿيندو.هن چيو ته سنڌ پوليس جي هر ملازم کي صحت انشورنس ڪارڊ ملندو۔ٿرپارڪر ۾ سڀني اهلڪارن کي ان بابت آگاہي پڻ ڏني پئي وڃي الخدمت اسپتال جو دورو ڪرڻ جو مقصد سڀني سهوليتن جو جائزو وٺڻ هو.ٿرپارڪر ۾ الخدمت اسپتال پڻ اسان جي پينل جي اسپتالن ۾ شامل آهي سڀئي پوليس اهلڪار هن عمل کي يقيني بڻائي وڌيڪ فائدو حاصل ڪندا.
0 تبصرے