English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪشمور پوليس هٿان فل فراءِ ٿيل ٻن ڀائرن جا لاش قبرڪشائي بعد وارثن حوالي
218 views
|
04th Apr 2023
•
سنڌي خبرون
قبرڪشائي ڪرڻ بعد رحيم يار خان واسي اورنگزيب ۽ جمشيد لاش سندن وارثن حوالي ڪيا ويا
ڪشمور(دلبر جاني) رحيم يار خان پوليس رحيميار خان مستان شاہ محلي رهواسين اورنگزيب ۽ جمشيد کي ڪشمور پوليس هٿان فل فراءِ ڪرائي ڇڏيو، جنهن بعد وارثن لاش ڪشمور پوليس کان اجازت بعد قبر ڪشائي ڪري ايمبولينس ذريعي رحيميار خان کڻي ويا تفصيل موجب :- زاهد خان عرف خاني ٽائيگر رحيم يار خان چوڪ پٺاڻ اسٽريٽ نمبر 6 واسي ميڊيا تي بيان جاري ڪندي چيو ته اسين سياسي پارٽي پي ٽي آئي سان تعلق آهي ۽ اسانجي ڪيمپ تي پوليس بنا ڪنهن سبب جي ڪڏهن منهنجي ڀائرن اورنگزيب ۽ جمشيد کي بيگناه پڪڙي ڏھ ڏينهن گم ڪرڻ بعد سومر رات ڪشمور پوليس هٿان مارائي ڇڏيو آهي ۽ مونکي پڪڙڻ لاءِ روز منهنجي گهرن ۾ چڙهائي ڪري ، منهنجي ڪئمپ ۾ وڃن ٿا ۽ اتي ڀڄ ڊاهه ڪن ٿا ۽ پوليس چوي ٿي خاني ٽائيگر، دهشتگرد آهي مان هڪ عام شهري آهيان، منهنجي جان کي خطرو آهي، مونکي پوليس ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.جيڪڏهن مون کي ڪو نقصان پهچندو ته انجا ذميوار ڊي پي او، ڊي ايس پي، ايس ايڇ او سي آئي انچارج ظهير الدين بابر عرف ظهير جوگيگا وارا هوندا ۽ منهنجي ڀائرن جي قتل جا ذميوار به ئي آهن جن منهنجي ٻن ڀائرن اورنگزيب خان عرف ڪالو خان ۽ جمشيد خان کي گذريل ڪيترن ڏينهن کان رحيم يار خان پوليس گم ڪري ڇڏيو هو مون وٽ سي سي ٽي وي وڊيو موجود آهن جڏهن منهنجي ڀائرن کي کنڀي گم ڪيو ويو، ۽ هاڻ سوشل ميڊيا ذريعي خبر پئي ته ڪشمور پوليس به اڻڄاتل ماڻهون مقابلي ۾ ماريا آهن ۽ جڏهن وڊيو ڏٺو سين ته اُهي اسانجا ڀائر اورنگزيب ۽ جمشيد هئا جن کي ڪشمور پوليس رحيمار خان پوليس جي چوڻ تي قتل ڪيو آهي مان اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪريان ٿو ته مون سان انصاف ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪشمور
رهواسين
0 تبصرے