English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر پرهه سومرو جي صدارت هيٺ گڏجاڻي منعقد
144 views
|
05th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ پاران 17 نومبر تي ڪراچي ۾ اعلانيل عظيم الشان ريلي جي حوالي سان رٿا بندي ڪئي وئي
ملير( رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي گڏجاڻي ضلعي صدر پرھ سومرو جي صدارت ۾ ٿي. جنھن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري خصوصي شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ پاران 17 نومبر تي ڪراچي ۾ اعلانيل عظيم الشان ريلي جي حوالي سان رٿا بندي ڪئي وئي. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته شهباز حڪومت آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ وارو بل پاس ڪري جمهوريت جو قتل ڪيو آهي. ان قانونسازي وسيلي جمهوريت کي ڪمزور ڪيو ويو آهي. شهباز حڪومت مڪمل طور اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري بڻيل آهي. پارليامينٽ مان عوامي ڀلائي جي ڪا به قانونسازي ناهي ٿي. موجودہ هائبرڊ حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آئين کان مٿاهين قانونسازي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ سميت ننڍين قومن جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ عوام دشمن قانونسازي ڪئي پئي وڃي. هڪ طرف ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن جي آڙ ۾ سنڌ جي 13 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين نيلام ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف ارسا ايڪٽ ترميم وسيلي سنڌو درياهه تي مڪمل طور تي قبضو ڪيو پيو وڃي. هن وقت ملڪ تي مڪمل طور تي عالمي سامراجي اشارن تي هلندڙ حڪومت قائم آهي. پيپلز پارٽي اقتدا جي لالچ ۾ سنڌ جو انچ انچ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. صدر زرداري سنڌ جي زمينن تي قبضن جو پروانو لکي ڏئي ڇڏيو آهي. صدر زرداري صدارتي سيٽ بچائڻ خاطر سنڌو درياهه به وڪرو ڪري رهيو آهي. وسند ٿري وڌيڪ چيو ته سنڌ سنڌين جو هزارين سالن کان تاريخي وطن آهي. سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ سنڌ جو عوام پرامن جمھوري جدوجھد جاري رکندو. 17 نومبر تي سنڌياڻي تحريڪ جي عظيم الشان ريلي ۾ هزارين سنڌياڻيون ڪراچي ۾ اچي سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪنديون. ڪالا باغ ڊيم جيان ڇهن نون ڪينالن جي سنڌ دشمن منصوبن کي به سنڌياڻي تحريڪ دفن ڪندي. گڏجاڻي ۾ ڪامريڊ علي محمد ڪلمتي،ايڊووڪيٽ خالد تنيو، نظير ميمڻ، عزيز لانگاھ، زبير نوناري، مير نوروز ڪلمتي، شاني سومرو، زوھيب ڪلمتي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
عوامي تحريڪ
پرهه سومرو
سنڌياڻي تحريڪ
0 تبصرے