ڪرايا مهانگا آهن، مزدوريون چڙهي ويون آهن، ٻهراڙي جي ڪچي مان ڪاٺين لاءِ اسان کي وڏي رقم ڀرڻي ٿي پوي: بٺي مالڪ
شڪارپور (احسان ابڙو ) ضلعي انتظاميه شڪارپور پاران سرن جي بٺن جي مالڪن سان گڏجاڻي ڪري 9 انچي سرن جو اگهه ۽ روف وارين سرن جو اگهه مقرر ڪيو. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ظفر عباس جي سرن جي بٺن جي مالڪن سان سرن جي اگهن بابت گڏجاڻي. گڏجاڻيءَ ۾ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊي آءِ بي انچارج شاهجهان شاهه، ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر شڪارپور نور نبي مهر، رياض احمد ميمڻ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائيز شڪارپور، پرائيز انسپيڪٽر شاهنواز، غلام مصطفيٰ گودام انسپيڪٽر بيورو آف سپلاءِ شڪارپور ۽ سرن جي بٺن جي مالڪن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي سان ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور ظفر عباس چيو ته ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ شڪارپور جي سرن جو اگهه تمام گهڻو آهي. تنهنڪري عوام جي شڪايتن تي هي گڏجاڻي ڪري سرن جا ريٽ مقرر ڪيا وڃن ٿا. ان موقعي تي سرن جي بٺن مالڪن چيو ته ڪرايا مهانگا آهن، مزدوريون چڙهي ويون آهن، ٻهراڙي جي ڪچي مان ڪاٺين لاءِ اسان کي وڏي رقم ڀرڻي ٿي پوي، ملن تان توتڙ نٿو ملي تنهنڪري سرن جا اگهه ڪجهه چڙهيل آهن. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رياض احمد ميمڻ چيو ته ٻين ضلعن جڏهن ته عمرڪوٽ، نوشهرو فيروز، سانگهڙ، شهيد بينظير آباد ۾ 3 هزار سرن جي ٽرالي 25 هزار روپيا ۾ انهن جي ڀيٽ ۾ شڪارپور ۾3 هزار سرن جو اگهه 39 هزار روپيا آهي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ظفر عباس سرن جي بٺن جي مالڪن سان ڳالهائيندي چيو ته هي اگهه تمام وڏا آهن جڏهن ته هن وقت ڪافي ريٽ لاٿا ويا آهن پر سرن جو اگهه شڪارپور تمام چوٽ چڙهيل آهي. هن چيو ته ٻهراڙيءَ ۾ زمينن تي وڻن جون ڇانگون ٿين ٿيون، اُهي ڪاٺيون توهان کي تمام سستيون ملنديون، ٻيو آپشن اهو ٻڌايو ته ٻيلي کاتي جون زمينون جيڪي آهن اُتي انهن جي وڻن جون ڇانگون ٿينديون آهن، ٻيلي کاتي جي آفيسرن سان ملي انهن جو آپشن ڪرايو انهن جا پيسا بئنڪن ۾ جمع ٿيندا آهن. هن چيو ته قانوني طريقي سان انهن کان ليٽر وٺي اهي ڪاٺيون به توهان کي تمام سستيون پونديون. تنهنڪري توهان کي قانوني ڪابه پريشاني ٿئي ته سنڌ پوليس يا فاريسٽ جا گارڊ آهن اهي توهانجي مدد ڪري سگهندا. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور ظفر عباس چيو ته شڪارپور ضلعي اندر سرڪاري اگهه 9 انچي 3 هزار سرن جي ٽراليءِ جو 27 هزار روپيا، يعني 1 هزار سر جو اگهه 9 هزار روپيا جڏهن ته روف وارين 1 هڪ هزار سرن جو اگهه 18 هزار هلڪي سر ۽ روف جي سٺي سر 22 هزار مقرر ڪريون ٿا. جيڪڏهن ان تي عمل نه ڪيو ويو ته ان جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
0 تبصرے