English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ھيءُ ملڪ سُڌرندو ، سو اسان به ڏسنداسين……!!!؟
184 views
|
30th Oct 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مھر ڊٻائي
ھونءَ ته ڪافي سالن ٿيا پر ، خصوصن ٻن سالن کان سڄي دنيا ڏسي پئي ته، ملڪ پاڪستان جي ماتحتي هيٺ رهندڙ، سنڌ وطن ۾ ميڊيڪل ( ايم ڊي ڪيٽ)جي تعليمي ٽيسٽ سان ڪهڙي طريقي ريپ ڪيو پيو وڃي…؟
ٻن سالن کان ته، ان ٽيسٽ کي باقائدا ھڪ دنڌو بڻايو ويو آ ، جنهن ۾ ڪوبه مزدور يا غريب شامل ڪونهي بلڪه ، سڀ سفيد پوش ۽ وڏا آفيسر يا انهن جا اولاد…!
ان ٽيسٽ کانپوء ، ٻئي رات آئون حيدرآباد ھيس… لاتعداد احوال ٻڌم ته، ايترو منافعو دنيا جي ڪنهن به ڪاروبار ۾ ڪونهي. جيترو هڪ رات ۾ پيپر آئوٽ ڪرڻ تي ملي ٿو ٿو…
ٻڌايو ويو ته، ھڪ ماڻھو 12 لک ۾ پوئين رات واري پڪِي ” ڪِي“ ورتي . .سندس ڏھ يا پندرنهن پڪا شاگرد گراھڪ ھئا. . جن مان ھر هڪ گراهڪ سان 7 لک نقد رقم ۾ ” ڪِي “ جو سودو ٿيو.
مطلب ته بنا ڪنهن تڪليف يا سيڙپ جي چند ڪلاڪن ۾، ھڪ ماڻھو ستر اسي لک ڪمائي ويو…
اڄ هيءُ ايف آئي اي جو ڪال اپ نوٽس ڏٺم . جنهن ۾ هڪ شاگرد ڇوڪري کي گهرايو ويو آ. ته تو جيترا نمبر کنيا آھن،……………
ايترا نمبر کڻڻ ته ممڪن ئي ڪونهي ……؟؟
سنڌيءَ جي ڇوڻي آ ته انڌيون رليون سبنديون ۽ مسافر پائيندا…!!؟؟
حيرت آ. افسوس آ……
سموري دنيا کي خبر آھي ته. . هت دنڌو ٿيو آ.……
ظلم ٿيو آ. غريب شاگرد خودڪشي ڪرڻ جهڙو ٿي ويو آ…ڇو ته پيپر جا پئيسه نه هجڻ جي ڪري سندس مارڪون ، ڪاپي ڪندڙ کان گهٽ آھن …
اسانجي علائقي ۾ هڪ مشهور چور هوندو هيو. اهو چوري ڪري ، نياپو ڇڏي ويندو هيو ته. مون چوري ڪئي آ. خوامخواه پيرو نه کڻايو .. ۽ نڪو پيرو کڻندڙ جا خرچ برداشت ڪيو…
مونکي اهيا ڳالھ سمجھ ۾ ئي نٿي اچي ته. .جنهن چوريءَ جا چور… سڌا سنوان هجن ته . . پيرو کڻڻ جي مشڪري يا ڊرامي بازي ڇو پئي ڪئي وڃي…!؟
ايف آئي اي. ، شاگردياڻي کي گهرائي ڇا ٿي ثابت ڪرڻ چاهي؟؟
اهيو ثابت به ٿي وڃي ته، پيپر آئوٽ ٿيل آ ته. پوء هي ڇا ڪندا…؟
آئون ان طرح جي مسخري کي وقت ضايع ڪرڻ ٿو سمجهان ۽ تعليمي ادارن کي پوري دنيا ۾ بدنام ڪرڻ جي سازش جو حصو ٿو سمجهان…
حڪومت کي گهرجي ته، سڀ کان پهريان ته، ميڊيڪل جي ورتل ٽيسٽ مڪمل طرح ڪينسل ڪري.…
نئين تاريخ جو اعلان ڪري ۽ اها ٽيسٽ مڪمل طرح مفت هجي. سڀ انتظام حڪومت برداشت ڪري…
ان کان پوء گذريل ٽيسٽ جا، جن به پئيسه ورتا يا پيپر آئوٽ ڪرڻ ۾ جيڪي به ڌريون ملوث آھن. اهي ڳولي ڳولي گرفتار ڪيون وڃن .
ملازم آھن ته سندن نوڪري ختم ڪئي وڃي . ورتل پئيسه وصول ڪيا وڃن…!
پرائيويٽ ماڻھو آھن ته، رقم وصول ڪرڻ کانپوء، کين ڏھن سالن لاء جيل موڪليو وڃي…
باقي موجوده عمل صرف ٽوپي ڊرامون آ.
مسخري مذاق آ. سنڌ جي تعليم تان چٿر آ…
ايئن ٿو لڳي ته افسر شاهي هجي يا وزير مشير هجن……، بيوقوفن جو هجوم آ، ھڪ جاهلن جو لشڪر آ. جن جي حوالي سنڌ جي ٿقدير ڪئي وئي آ……!!
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مھر ڊٻائي
Mahar Dibai
Indus
Sindh
River
Sindhu
poet
0 تبصرے