ملير ۾ دوائن جي خانگي ڪمپني مان برطرف ٿيل ملازمن جو فيڪٽري گيٽ اڳيان ڌرڻو

پوليس وڏا اٽالا فيڪٽري جي گيٽ تي پهچي ويا جنهن دوران پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿيون

ملير ۾ دوائن جي خانگي ڪمپني مان برطرف ٿيل ملازمن جو فيڪٽري گيٽ اڳيان ڌرڻو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) دوائن جي خانگي ڪمپني مان برطرف ڪيل ملازمن جو فيڪٽري گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، انتظاميا خلاف شديد نعريبازي، پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون تفصيل موجب : قائد آباد لڳ نيشنل هاءِ وي ويجهو قائم ايبٽ ڪمپني مان جبري طور برطرف ڪيل ملازمن ۽ رائٽس پيس ورڪرز ڪميٽي طرفان فيڪٽري جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا ۽ هو انتظاميا خلاف شديد نعريبازي ڪري رهيا هئا اطلاع تي پوليس جا وڏا اٽالا فيڪٽري جي گيٽ تي پهچي ويا جنهن تي پوليس ۽ مظاهرو ڪندڙن وچ ۾ چڪريون ٿيون ان موقعي تي برطرف ٿيل ملازمن جو چوڻ هو ته فيڪٽري جي ويجهو آباد قديم وسندين جي نوجوانن جا ڪارڊ ڏسندي ئي گيٽ کان ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو جڏهن ته فيڪٽري سبب ماحولياتي گدلاڻ پکڙجي رهيو آهي علائقي جو پاڻي انڊر گرائونڊ بورنگ ڪري واٽر بورڊ جي ڳٺ جوڙ سان وڪرو ڪيو پيو وڃي لاڳاپيل ادارن گيٽ نمبر 2 کان چوري ڪيل پاڻي لائن جي جاچ ڪن هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته علائقي جا ڪجهه بااثر ماڻهو به ساڻن ملوث آهن ملازمن کي نه گريجوئيٽي نه ئي بقاياجاتون ڏنيون ٿيون وڃن مظاهرو ڪندڙن پورهيت کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي.