سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس نوشھرو فيروز ۾ صوبائي محتسب جي عملدارن طرفان آگاھي مھم بابت تقريب

سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن جي احتساب لاء محتسب جي نالي سان عوامي قانوني نمائندا مقرر ڪيا ويا آھن: ڊاڪٽر اظھر علي شاھ

سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس نوشھرو فيروز ۾ صوبائي محتسب جي عملدارن طرفان آگاھي مھم بابت تقريب

نوشھروفيروز(ڊر) سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس نوشھرو فيروز ۾ صوبائي محتسب جي عملدارن طرفان آگاھي مھم جي تقريب منعقد ٿي گذري ان موقعي تي يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاھ آجياڻو پيش ڪندي چيو تـ سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن جي احتساب لاء حڪومت طرفان محتسب جي نالي سان عوامي قانوني نمائندا مقرر ڪيا ويا آھن جيڪا عوام جي شڪايت تي جاچ پڙتال ڪري سندن جائز ڪمن جي ترت اڪلاء لاء مدد ڪن ٿا. نوشھرو فيروز جي محتسب محترم خالد شيخ جي مھرباني جيڪي پاڻ اچي شاگردن جي آگاھي لاء مفيد معلومات مھيا ڪري رھيا آھن جنھن سان شاگردن کي عملي زندگي ۾ وڏي رھنمائي حاصل ٿيندي. جڏهن ته محتسب نوشھرو فيروز محترم خالد شيخ آئين ۽ قانون جي حوالن سان شھرين جي حقن ۽ جائز ڪمن ۾ دير ڪندڙ يا بدعنواني ڪندڙ سرڪاري ملازمن خلاف شڪايت داخل ڪرائڻ جي طريقي ڪار کان وٺي مختلف قسم جي شڪايتن جي ممڪن حل کان پڻ آگاھي ڏني. ھن چيو تـ اسان وٽ نـ وڪيل ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ نـ ئي وري ٻي ڪا في آھي يا گھڻيون پيشيون آھن. توھان سادي پني تي درخواست ڏئي سگھو ٿا ۽ پنھجي تر جي بند پيل اسڪول, لائبرري کان وٺي پنھنجي ۽ پنھنجي معاشري جي سماجي ڀلائي وارن ڪمن ۾ اسان کان مدد وٺي سگھو ٿا. ان موقعي تي شاگردن ڪيترائي سوال پچيا جنجي روشني ۾ وڌيڪ بحث مباحثو ڪري تمام تفصيل سان ڄاڻ مھيا ڪئي وئي.