رات جي اونڌاهي ۾ پارليماني ترميمن کي اعلي عدليه جي آزادي تي راتاهو سمجهون ٿا: ڪاشف سعيد شيخ

جماعت اسلامي سنڌ جي نئين امير ڪاشف سعيد شيخ جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو ويو

رات جي اونڌاهي ۾ پارليماني ترميمن کي اعلي عدليه جي آزادي تي راتاهو سمجهون ٿا: ڪاشف سعيد شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي آھي تہ رات جي تاريڪي ۾ پارليماني ترميمن کي اعلي عدليه جي آزادي تي راتاهو سمجهون ٿا. من پسند ترميمن ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جو پيرَو سنڌين جي ووٽن تي کٽي ايندڙن ڏانهن وڃي ٿو، جنهن جي ڀرپور مذمت ڪجي ٿي .اھڙن خيالن جو اظهار ھن لاڙڪاڻي جي مقامي ھوٽل ۾ پنھنجي اعتزاز ۾ رٿيل آجياڻي کي خطاب دوران ڪيو. جنهن ۾ جماعت اسلامي اڳواڻ ۽ لاڙڪاڻه بار جي سابق صدر عاشق ڌامراهه، ضلعي امير قاري ابو زبير جکرو، مقامي امير رميز راجا شيخ، جي يو آءِ جي محبت علي کھڙو، ڊاڪٽر مظهر علي مغل ايس يو پي، علامه عمران علي مجلس وحدت المسلمين، علام علي اصغرجنتي شيعا علما ڪائونسل، عزيز احمد قاسمي پي ٽي آءِ، حافظ روشن انقلابي، مولانا شعيب جوڻيجو جمعيت علما پاڪستان، احمد بخش ڪورائي نواز ليگ سميت شهر جي مختلف سياسي سماجي ديني تنظيمن جي اڳواڻڻ، صحافي، ڊاڪٽرز، انجنيئرز ۽ مک واپاري تنظيمن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي نئين امير ڪاشف سعيد شيخ خطاب ڪندي چيو ته جماعت اسلامي ملڪ جي واحد جمھوري ،ديني ۽ سياسي جماعت آھي جيڪا موروثيت کان پاڪ پارٽي آھي جنھن ۾ ھر سطح جي قيادت جي تبديلي جو چونڊ سسٽم موجود آھي. ملڪي اقتدار تي قابض ٽولي جون واڳون ڪي خفيه هٿ ڇڪي رهيا آهن، جن تي انهن جو پنهنجو وس به نٿو هلي. مهانگي بجلي، پيٽرول، گيس، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي اڻهوند ۽ ملڪ ۾ بد امني توڙي ڌاڙيل ڪلچر جي باهه اجهائڻ موجوده حڪمرانن جي ترجيحات ۾ شامل ئي ناهي ڇوته هنن کي فقط عوام نه بلڪه پنهنجا ذاتي مفاد عزيز آهن. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته نواز ليگ، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سميت سڀئي سياسي جماعتون مقتدر قوتن اڳيان وفاداري ۽ تعبداري ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ريس ۾ لڳل آهن جڏهن ته عوام اڄ به بُک، بدحالي ۽ مفلسي جو شڪار آهي، 26هين آئيني ترميم ذريعي اعلى عدليه مٿان راتاهو هڻڻ جي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. ڪاشف سعيد شيخ پيپلز پارٽي، ن ليگ، پي ٽي آئي ۽ جي يو آئي پاران 26 هين آئيني ترميم پاس ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ڪندي چيو ته عام ماڻهوءَ کي انصاف ڏيڻ لاءِ آخري سهارو سُپريم ڪورٽ آهي جنهن کي به حڪمرانن يرغمال بڻائي ملڪ ۾ نسل درنسل بادشاهت ۽ عوام کي غلام بڻائڻ جي منصوبي تي عمل ڪيو آهي. پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار هجڻ باوجود سنڌو درياءَ مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ واري معاملي ۾ شامل آهي. اهڙي سنڌ دشمن منصوبي تي پ پ جي خاموشي مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته کيس سنڌ ۽ وفاق ۾ اهم عهدا اهڙن شرطن تي عمل ڪرڻ عيوض مليو آهي، انڪري ئي ته هنن سنڌ دشمن منصوبن تي چپ سبي رکيا آهن.ھن ڪراچي کان ڪشمور سنڌ جي ھر فرد تائين جماعت جي دعوت ۽ پيغام پھچائڻ جو پڻ عزم ڪيو.