همايون شريف ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب رهواسي عذاب ۾ مبتلا، معززين جي گڏجاڻي منعقد

چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ کانپوءِ واپس علائقن ۾ ناهن پهتا: اڳواڻ

همايون شريف ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب رهواسي عذاب ۾ مبتلا، معززين جي گڏجاڻي منعقد

شڪارپور (احسان ابڙو) بجلي ناھين ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا، شڪارپور جي انتقامي سياست شڪارپور جي شھر کانپوء بھراڙي ۾ بہ ڪاھي پئي ھمايون شريف جا رھواسي بجلي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ڌرڻي ھڻڻ تي مجبور معزز اڳواڻن جون گڏجاڻيون صلاح مشورا جاري، اڳواڻن جو چوڻ ھيو ته اسانجي تڪ جو ايم اين اي شبير خان بجاراڻي ووٽ وٺي وڃڻ کانپوء عوام کان ڪوھين دور نه سندس جو ڏس نه پتو ته وري سندس جوڙيوال ايم پي اي امتياز احمد شيخ جي لوڪل منسٽرن جي ٽيم تر تپائي ڇڏيا، سڪن جي آھ ۾ ساوا بہ سڙيو وڃن مخالفن کان انتقامي ڪاروائي جي ڪارنامن سبب سندن جا ووٽر ۽ سپورٽر بہ سٽجي رھيا آھن ، ڀوتار ايم پي اي پاران مقرر واپڊا جي فوڪل پرسن وزير ۽ چيئرمين جون تعلقہ شڪارپور جي بھراڙي سان تعلق رکندڙ ھمايون گرڊ اسٽيشن جي وڪڙو فيڊر کي گذريل ٻن ڏينھن کان بند ڪرائي ڇڏيو آھي ، ھنن جو چوڻ ھيو تہ رھواسي مختلف برادريون سخت پريشاني کي منھن ڏيڻ لڳا رات جي پھر ۾ اونداھي سبب چوريون شروع علائقي جي معززين جي يو آء اڳواڻ مير انور خان سڌايو ۽ سنڌ چانڊيا ويلفيئر شڪارپور جي ضلعي صدر چانڊيا برادري ھمايون جي چڱي مڙس لاھوتي خان چانڊيو ۽ ڀين پاران ھمايون ۾ ويھڪ ڪئي وئي جتي سماجي اڳواڻ ڪامريڊ احسان جيھو پاران خصوصي شريڪ ٿيو اڳواڻن جو چوڻ ھيو ته ھاڻي وقت اچي ويو آ ته پنھنجا حق ڇني وٺجن غريب عوام ووٽ ڏئي ٿو ته بہ مصيبت ۾ آ جي ووٽ نٿو ڏئي بہ مصيبت کي منھن ڏيڻو پوي ٿو تڪ جا چونڊيل نمائندا علائقائي عوامي مسئلا حل ڪرڻ بجاء مسئلا پيدا ڪري رھيا آھن ھنن چيو ته اھڙي صورتحال ۾ علائقي واسين کي اڪيلو ڪو نہ ڇڏبو عوامي ڀلائي لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪنداسين واپڊا وارن جي انتقامي سياستدان جي آشرواد تي جي اھا ھوڏ جاري رھي ته سوين ماڻھون گڏ ڪري گرڊ اسٽيشن ھمايون جو گھيراء ڪبو مين قومي شاهراھ تي ڌرڻو لڳايو ويندو ھنن پاران ڊي سي شڪارپور ۽ واپڊا سيپڪو جي اعلا عملدارن کان نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو