English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ الخدمت فائونڊيشن پاران ڏياري جي موقعي تي راشن ورهايو ويو
145 views
|
21st Oct 2024
•
سنڌي خبرون
الخدمت فائونڊيشن پاران ذڪرالله مجاهد 200 مستحق خاندانن ۾ راشن بيگز ورهايا
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڏياري جي خوشي جي موقعي تي الخدمت فاؤنڊیشن عمرڪوٽ هندو برادري جي مستحق ماڻهن ۾ راشن بيگز، ڪپڙا ۽ تحفا تقسيم ڪيا. اها تقريب تاريخي شو مندر، جيڪو عمرڪوٽ شهر کان اٺ ڪلوميٽر پري واقع آهي اتي رکي وئي، جنهن ۾ سوين مردن توڙي عورتن شرڪت ڪئي تقريب دوران الخدمت فاؤنڊیشن هندو برادري جي 200 مستحق خاندانن ۾ راشن بيگز تقسيم ڪيا. الخدمت فاؤنڊیشن سنڌ جي اڳواڻن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته فاؤنڊیشن انسانيت جي خدمت جي نظريي تي قائم آهي ۽ رنگ، نسل يا مذهب جي بنياد تي ڪا به فرق نٿي ڪري. هنن چيو ته اهڙيون امدادي سرگرميون انسانيت جي همدردي کي هٿي ڏين ٿيون. تقريب ۾ موجود مستحقين الخدمت فاؤنڊیشن پاران ڏياري جي موقعي تي ڪيل امداد تي خوشي ۽ شڪريو ادا ڪيو. هڪ مستحق عورت چيو، "اسان کي هن سال سٺي نموني ڏياري ملهائڻ جو موقعو مليو آهي ڇو ته الخدمت فاؤنڊیشن اسان جون ضرورتون پوريون ڪيون آهن. اهو اسان لاءِ تمام وڏي خوشي آهي ته اسان کي ڏياري تي تحفا ۽ راشن مليا آهن." هڪ ٻئي مستحق چيو، "اهو پهريون موقعو آهي جڏهن ڪنهن اسان جي مدد ڪئي آهي. اسان پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ تي الخدمت فاؤنڊیشن جا شڪر گذار آهيون. مقررن جو اظهار خيال الخدمت فاؤنڊیشن پاڪستان جي نائب صدر، ذڪرالله مجاهد تقريب کي خطاب ڪندي چيو، "اهو پوري قوم جي ذميواري آهي ته هو اهڙن ضرورت مندن جو خيال رکن جيڪي وسيلن جي کوٽ جي ڪري پنهنجي خوشيون نٿا ملهائي سگهن. الخدمت فاؤنڊیشن هميشه ڪوشش ڪري ٿي ته هر ڪميونٽي جي مستحق ماڻهن تائين مدد پهچائي وڃي، ته جيئن ڪو به خوشين کان محروم نه رهي." هن وڌيڪ چيو، "اسان جو مقصد انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي، ۽ ان خدمت دوران اسان رنگ، نسل، ۽ مذهب کي بالڪل نه ٿا ڏسون. ڏياري جي موقعي تي هندو برادري سان تحفا ورهائڻ اسان جي معاشرتي هم آهنگي کي مضبوط ڪري ٿو هندو برادري جي اڳواڻن، بشمول گيان پوري مهاراج (شو مندر) ۽ اقليتي اڳواڻ شنڪر لال، الخدمت فاؤنڊیشن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ هن قدم کي فرقيوارانه هم آهنگي جي هڪ بهترين مثال قرار ڏنو. گيان پوري مهاراج چيو، "الخدمت فاؤنڊیشن جنهن محبت ۽ ڀائيچاري جو مظاهرو ڪيو آهي، اهو اسان جي دلين کي ڇهي ويو آهي. اسان ان سهڪار کي تمام گهڻو ساراهيون ٿا ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن الخدمت فاؤنڊیشن جي هن عمل کي ساراهيو ۽ چيو ته اهڙا قدم اسان جي سماج ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي فروغ جو ذريعو بڻجن ٿا. تقريب ۾ الخدمت فاؤنڊیشن پاڪستان جي نائب صدر، ذڪرالله مجاهد، اقليتي اڳواڻ شنڪر لال، ضلعي چيئرمين اظهار احمد، قربان علي گشڪوري امير جماعت عمرڪوٽ، نويد محمد منصوري، محمد خالد صديقي سٽي صدر، سماجي اڳواڻ ڪمليش لوهاڻا، محمد شاهد قريشي، گيان پوري مهاراج (شو مندر) صحافين توڙي ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ذڪرالله مجاهد
عمرڪوٽ
الخدمت فائونڊيشن
۾ الخدمت فائونڊيشن
0 تبصرے