English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور بچايو تحريڪ پاران بدامني، ٻارڙن جي اغوائن خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاج، علامتي ڪيمپ قائم
111 views
|
21st Oct 2024
•
سنڌي خبرون
شهر ۽ ڀرپاسي بدامني جي باهه ڀڙڪيل آهي، ڌاڙيلن پيرسن ماڻهن ۽ معصوم ٻارڙن کي به بخش نٿا ڪن: اڳواڻ
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور بچايو تحريڪ پاران شھر ۾ وڌندڙ بدامني، معصوم ٻارڙن جي اغوائن، چورين، ڦُرون، ڌاڙن، ۽ منشيات جي ڪاروبار خلاف ٻئي ڏينھن بہ شھر جي لکيدر گھنٽا گھر چوڪ تي پرامن احتجاجي علامتي ڪيمپ لڳائي وئي. احتجاج مظاھري ۾ شڪارپور بچايو تحريڪ جي چيئرمين الاھي بخش شيخ، جنرل سيڪريٽري عبدالوهاب ڪاغذي ، جوائنٽ سيڪريٽري صاحبزاده فضل ﷲ نوراني، پريس سيڪريٽري عبدالغفور دايو، ايڊوڪيٽ علي اصغر پھوڙ، مولانا صبغت ﷲ قادري. عبدالفتاح مھر، ڏاڏو طاھر سومرو، عبدالحنان بگن سومرو، عبدالرشيد رند، مولانا مفتي طاھر سھندڙو، حاجي گلزار احمد شر، ۽ ابوبڪر بکراڻي شرڪت ڪئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ شھرين به احتجاج ۾ شرڪت ڪئي.احتجاج جو مقصد شھر ۾ وڌندڙ بدامني، خاص طور تي ناصر بکراڻي ۽ وليد ميمڻ جي اغوائن تي پوليس ۽ حڪومت جي ڌيان ڇڪائڻ هو. احتجاج ڪندڙن انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته امن امان جي صورتحال کي فوري طور تي بھتر بڻايو وڃي، معصوم ٻارڙن جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي، ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.شڪارپور بچايو تحريڪ جي اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شھر جي عوام لاءِ بدامني ۽ معصوم ٻارڙن جي اغوائن کي برداشت ڪرڻ هاڻي ناممڪن ٿي ويو آهي. اھا صورتحال نه صرف شھرين جي ذهني سڪون تي اثرانداز ٿي رهي آهي، پر انھن جي روزمره زندگيءَ تي به ناڪاري اثر وجهي رهي آهي. اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏھن انتظاميا ان مسئلي تي فوري طور تي قدم نه کنيا ته احتجاجي مظاهرا جاري رکيا ويندا ۽ وڌيڪ سخت اپاءَ به ورتا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور بچايو تحريڪ
0 تبصرے