اسماعيل ڏاھري پارٽي قيادت خلاف ڪوڙا الزام لڳائي رهيو آهي: خان ڏاهري

جڏهن هن وٽ ڪجهه نه هو ته آصف زرداري مٿس شفقت جو هٿ رکي سياست ۾ آندو هو

اسماعيل ڏاھري پارٽي قيادت خلاف ڪوڙا الزام لڳائي رهيو آهي: خان ڏاهري

مورو (جاني جماڻي) مورو ۾ ڏاھري ھائوس تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن خان ڏاھري پنھنجي برادريءَ جي اڳواڻن سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ھميشھ پنھنجي ڪارڪن اھميت ڏئي اڳتي آندو آھي پر انھن مان ڪي ڪي ھوندا آھن جيڪي پارٽي جي ڏنل عزت کي نقصان ناھن پھچائيندا پر اسان جي ڏاھري قبيلي جي اصل مجرم ۽ دولتپور جي رھزن اسماعيل ڏاھري طرفان پارٽي قيادت خلاف ڪيل الزام تراشي جو جواب ڏيڻ آھي. ھونئن ته اسماعيل خان ڪنھن تعارف جو محتاج نه آھي. ھي ھمراھ ھڪ بدڪردار، بددماغ ۽ ڇڙواڳ ڇورو ھيو. سندس افعالن جي ڪري ھن تي سندس والد چاچا محمد مقيم ڏاھري گھر اچڻ تي پابندي لڳائي ھئي. ھي ھيرون پي مڪانن تي ڌڪا کائيندو ھيو. سگريٽ جي اڌڙ لاءِ دربدر رھيو. چاچا محمد مقيم اسماعيل ڏاھري کي پنھنجو پٽ ئي تسليم نه ڪندو ھيو. ان ڳالھ جي ساک وٺو اسماعيل خان کان ته ڳالھ واضع ٿي ويندي. ان وقت جيالو ھئڻ ڪري آصف صاحب ھن تي پنھنجي شفقت جو ھٿ رکيو. ھن ھمراح کي پائڻ لاء ڪپڙا، جوتا ۽ کاڌ خوراڪ جو خرچ به آصف زرداري صاحب ڏنو. ھن کي پارٽي اندر سڃاڻپ ڏئي سياست جي شروعات ڪرائي. آصف صاحب ھن بي ايمان انسان کي صوبائي صلاحڪار بڻائي پاور پولٽڪس ۾ بيھڪ ڏني. ھن کي آء جي سنڌ، صدر نيشنل بينڪ سميت پاڪستان جي تمام وڏي بيوروڪريسي تائين رسائي ڏنائين. آصف صاحب کي ڪھڙي خبر ٿه ھن مواليء کي عزت حضم نه ٿيندي. آصف صاحب کي اندازو نه ھيو ته سندس پاليل سندس ئي عزت تي حملو ڪندو. اسماعيل خان کي پارٽي قيادت ٿوري عزت ڇا ڏني ھو آپي مان ئي نڪري ويو. ھن ڏاڍ ۽ ظلم جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. پنھنجي ويجھن عزيزن سان ھر طرح جون ذيادتيون ڪيائين. اسماعيل ۽ ان جي ڀاء رضا علائقي جي بيوس ۽ غريب ماڻھن جي عورتن جون عزتون مجروع ڪيائين. سريعام منشيات جو وڪرو، مسڪين ماڻھن تي تشدد ، چوريون ڌاڙا ڦرون ۽ اغوا تاوان جي بازار گرم ڪري ڏنائين. علائقي اندر ھر گھر کي ٻئي گھر سان ويڙھائي بندوق بازي جي جي ڪلچر کي فروغ ڏنائين. ھن کي پاور ملڻ جي چند مھينن اندر ئي دولتپور شڪارپور بڻجي ويو. ڪيترا ئي ھن جا عزيز ۽ علائقي جا بيوس ماڻھون علائقي مان ھجرت ڪري ويا. جن ۾ غلام حيدر ڏاھري، غلام نبي ڏاھري، بادشاھ عرف سڪندر ڏاھري، عرس عرف ڪارڙي ڏاھري، حاجن ڏاھري شامل آھن. ھن ظالم انسان پراپرٽي وٺڻ ۽ کپائڻ تي منٿليون فڪس ڪري ڇڏيون ھيون. شاخ جو پاڻي کپائڻ، النور شگر مل تي ناجائز ناڪا لڳائي ڪمند جي گاڏين کان ڀتو وٺڻ، ڪمند سان ڀريل پرائيون گاڏيون پنھنجي کاتي ۾ لاھڻ ۽ غريبن جون ملڪيتون ڦٻائڻ ھن جا چند اھم ذريعائي معاش بڻجي ويا. جڏھن پارٽي قيادت اسماعيل خان جي ڪارنامن جو نوٽيس وٺي ھن کان پاور واپس ورتو ته ھن پنھنجي گھر جا ڀاتي مارايا ۽ پارٽي قيادت آڏو پاڻ کي مظلوم طور پيش ڪيو. جنھن جي شروعات ھن پنھنجي ننڍي ڀاءُ اصغر کي مارائڻ کان ڪيائين. اصغر جي فوت ٿيڻ کانپوءِ قيادت آڏو مظلوم ٿي دانھون ڪيائين ته گھوڙا ڙي گھوڙا مون سان ڦلاڻن ظلم ڪري ڇڏيو. قيادت جي ھمدردي وٺي ڪجھ وقت ڪڍيائين. جنھن پوءِ پنھنجي ڀائٽي بخشل ولد مولا بخش کي مارائي ۽ النور شگر مل تي پنھنجو ڀتو مقرر ڪيائين. قيادت آڏو ساڳي طرح مظلوم ٿي ويو. وري ڪجھ وقت ان لاش تي پنھنجا مفاد حاصل ڪيائين. جڏھن پارثي قيادت وري ھن جي ڪرتوتن مان بيزار ٿي ھن کآن پاور کسيو ۽ احتساب وٺڻ شروع ڪيو ته 2020 ۾ ھن پنھنجي ڀاڻيجي باصلاحيت نوجوان وجاھت کي قتل ڪرائيو. ان معصوم جي قتل جي آڙ ۾ ھن ظالم بربريت جا نوان باب لکيا. ڳوٺ جمن ڏاھري، ڏھيسر، ۽ بڊو ڏاھري ۾ 50 کان مٿي گھر مسمار ڪري، ھزارن جي تععداد ۾ مويشي، ڪروڙن جي ماليت جو سون ۽ سوين ايڪڙ فصل کڻي وڃي پنھنجي تجوري ڀريائين. ڪيترا ئي خاندان سالن جا سال دربدر رھيا. آخر ۾ اسماعيل ڏاھري سندس سڳي سئوٽ ان مقتول وجاھت جي پيءُ علي گوھر ڏاھري جي خريد ٿيل زرعي زمين تي به قبضو ڪيائين. اسماعيل خان پاور جي نشي ۾ ايٿرو ته انڌو ٿي ويو ھيو جو ھن 30 کان مٿي ماڻھون قتل ڪرائي ڇڏيا آھن. معصوم فدا حسين ولد ممتاز ڏاھري، لونگ ڏاھري، شبير ڏاھري ۽ صديق پنجابي،زرداري رڪشا ڊرائيور، دولتپور ۾ قتل ٿيل راھو برادري جو نوجوان، چنا برادري جا 2 نوجوان. ھاڻي تازو جمال شاھ ۾ قتل ٿيل 9 ڄڻا ۽ ذخمي ٿيل 6 ماڻھن جي ذميواري به اسماعيل ڏاھري مٿان آھي. ھن آدم خور اسماعيل ڏاھري کي رت جي خوشبو وڻي وئي ھئي. جنھن ڪري ھن ڪيترن ئي معصوم ماڻھن کي قتل ڪرايو. ھن ڪرمنل ماڻھون ھر ڳوٺ جي چڱن جا بي گناھ پٽڪا لاٿا انھن جي تذليل ڪئي. ھن ھمراح ڳوٺ جمن ڏاھري، ڳوٺ حاجي دلاور ڏاھري، ڏھيسر، ڳوٺ بڊو ڏاھري، ڳوٺ پير شھمير، ڳوٺ جمال شاھ، ڳوٺ مقيم ڏاھري، ڳوٺ سالار ڏاھري، ڳوٺ انگڙي، ڳوٺ جلال ڏاھري، ڳوٺ نگر مڪان، کڙ ۽ ٻين تمام ڳوٺن لاء موت جو راڪاس بڻجي ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڏنو. ھن ڏانھن ميڙ آيل سوين ماڻھن ۽ قرآن پاڪ کي به ھن ڪڏھن مان نه ڏنو. ھن جي گرفتاري جو اصل سبب اھو آھي ته ھي ھمراح علائقي اندر وڏي پئماني تي خونريزي ڪرائڻ جي سازش ڪري رھيو ھيو. جنھن جا ثبوط پارٽي قيادت کي مليا ۽ پارٽي قيادت اسماعيل خان جي ڪيل مسلسل ظلمن ڏاڍ بابت به انڪوائري ڪرائي ان ۾ ھن جو ڪچو چٺو ظاھر ٿي آيو. پارٽي قيادت عام ماڻھن کي اسماعيل جي ظلمن کان بچائڻ ۽ متوقع خونريزي روڪڻ لاء ھن کي قابو ڪيو. جيڪا انڪوائري ھن خلاف ڪرائي وئي ان تحت مظلوم ماڻھن کي موقعو ڏنو ويو ته ھو پنھنجو ڪيس قانون مطابق وڙھن. ان کي ڪھڙي بنياد تي ھي بدمغز موالي انتقامي ڪاروائين جو نالو پيو ڏئي. ڪجھ ڪوڙا موسمي ڏيڏر اسماعيل ڏاھري لاءِ ھمدردي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آھن. انھن کي اھو ٻڌائيندا ھلون ته ھي رھزن پنھنجي پيء سان سان سچو نه ھيو. پنھنجي محسن آصف علي زرداري سان ڌوکو ڪيائين، پنھنجي سڳي ڀاء ابراھيم ۽ ان جي فيملي کي عيد جي رات ھٿيارن جي زور تي گھر مان بيدخل ڪيائين. پنھنجي وڏي ڀاء مولابخش جي گھر تي ھٿيارن سان حملو ڪري فائرنگ ڪيائين. ھن جي ظلم کان تنگ اچي ھن جون سڳيون ڀينرون رات جو قرآن پاڪ کڻي زرداري ھائوس تي تحفظ لاء ويون. ھي ھمراھ ڪنھن به رحم ۽ ھمدردي جي لائق نه آھي. ھن سان جيڪو ڪجھ ٿي رھيو آھي اھو مقافاتي عمل آھي. اھو ئي سبب آھي جو جيڪي ڪيس ھن تي پھريان داخل نه پئي ٿيا اھي به ڪيس ھاڻي ھن تي داخل ٿيا آھن. ھن وقت به ھي پارٽي قيادت کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھيو آھي. ھي بي صلاحيت ماڻھون آھي. جيڪو محترم ضياءَ الحسن لنجار جي صلاحيتن کان سڙندو رھيو آھي. ضياء الحسن لنجار کي جيڪا عزت ملي آھي اھا سندس قابليت ۽ نيڪ نيتي جي ڪري ملي آھي. اسماعيل ڏاھري طرفان آصف صاحب ادي فريال ۽ ضياء صاحب خلاف ڳالھائيل ٻولي جي پارٽي جو ھر ورڪز پرزور مذمت ڪري ٿو. اسماعيل ڏاھري جو دماغي توازن خراب ٿي چڪو آھي. ان لاء ھو ميڊيا تي گارگند، ۽ بڪواس ڪري پيو. اسان ڏاھري قبيلي جي طرفان پارٽي قيادت ۽ سنڌ حڪومت کي اپيل ڪنداسين ته اسماعيل ڏاھري جو دماغي معائنو ڪرائي ان جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي. ھن پريس ڪانفرنس ۾ سياڻو ڏاھري، عبدالستار ڏاھري، محمد رحيم ڏاھري، نور محمد ڏاھري، حق نواز ڏاھري، سڪندر ڏاھري، احسان ڏاھري، نور نواز ڏاھري، محڪم الدين ڏاھري، عبداللطيف ڏاھري، فرحان ڏاھري پڻ موجود ھئا.