English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ ڳوٺ اولڊ ٿاڻو سميت 8 ڳوٺن جي بجلي 5 ڏينهن کان بند، رهواسين جو ڌرڻو
48 views
|
28th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
رهواسين عبدالحڪيم قمبراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪي اليڪٽرڪ خلاف مک روڊ بند ڪري احتجاج ڪيو ويو
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ پ پ جي 2 ايم پي اي ۽ ڊپٽي ميئر جي ڳوٺ اولڊ ٿاڻو سميت 8 ڳوٺن جي بجلي 5 ڏينهن کان بند، رهواسي ڪي اليڪٽرڪ خلاف رستن تي نڪري آيا،احتجاجي مظاهرو ۽ ڏرڻو، انتظاميا خلاف نعري بازي، ملير سٽي ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون، پوليس ۽ علائقي معززين ۾ ڳالهين بعد بجلي جلد بحال ڪرڻ جي خاطري تي ڌرڻو ختم، بجلي بند پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهن چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن بل ڀرڻ باوجود سخت گرمي بجلي بند ڪري آزار ڪيو ويو آهي، بجلي بحال نه ڪئي وئي ته ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو، اڳواڻ تفصيل موجب ملير ۾ پ پ جي 2 ايم پي اي سليم بلوچ، راجا رزاق، ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد جي اولڊ ٿاڻو ۽ ڀرپاسي جي اولڊ ٿاڻو ،ڀرو وليج، سمون ڳوٺ، درمحمد ڳوٺ سميت 8 ڳوٺن جي بجلي 5 ڏينهن کان بند هجڻ خلاف رهواسين عبدالحڪيم قمبراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪي اليڪٽرڪ خلاف مک روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڏرڻو هنيو جنهن سبب ملير سٽي ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون، مظاهرو ڪندڙ انتظاميا خلاف نعري بازي ڪري رهيا هئا ان دوران پوليس پهچي علائقي معززين ۾ ڳالهين بعد بجلي جلد بحال ڪرڻ جي خاطري تي معززن ڌرڻو ختم ڪيو ان سلسلي ۾ اڳواڻن چيو ته 5 ڏينهن کان بجلي بند هجڻ سبب اسڪولن، مسجدن، اسپتالن، گهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي بل ڀرڻ باوجود سخت گرمي بجلي بند ڪري آزار ڪيو ويو آهي ۽چونڊيل نمائندا مسئلن کان باخبر هجڻ باوجود خاموش تماشائي بڻيل آهن هنن مطالبو ڪيو ته خاطر باوجود بجلي بحال نه ڪئي وئي ته ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
ڳوٺ اولد ٿاڻو
0 تبصرے