عمرڪوٽ ۾ اي ڊي سي ون جاويد احمد ڏاھري جي صدارت ھيٺ سرن جو اگهه مقرر ڪرڻ بابت گڏجاڻي

اجلاس دوران 3000 ھزار سرن جو ريٽ 25000 ھزار روپيه مقرر ڪيو ويُ

عمرڪوٽ ۾ اي ڊي سي ون جاويد احمد ڏاھري جي صدارت ھيٺ سرن جو اگهه مقرر ڪرڻ بابت گڏجاڻي

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري جي صدارت ھيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ سرن جو ريٽ مقرر ڪرڻ بابت گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجي ڪمار، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، ليبر کاتي جي ڊسٽرڪٽ ليبر آفيسر، ڊپٽي ڊائريڪٽر انوائرنمينٽل اينڊ پروٽيڪشن ايجنسي ميرپورخاص علي محمد، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ماحوليات عمرڪوٽ وڪرم ڪمار، بيور آف سپلائي اينڊ پرائيز ڪنٽرول جي نمائندي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ موجود سرن جي بٺن جي مالڪن، اطلاعات کاتي سميت لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري پاران سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن توڙي سرن جي بٺن جي مالڪن کان سرن جي موجوده قيمت توڙي خرچ بابت معلومات ورتي ويئي، ان موقعي تي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سموري ضلعي عمرڪوٽ ۾ سرن جو نئون سرڪاري ريٽ مقرر ڪجي ٿو، جنھن مطابق 3000 ھزار سرن جو ريٽ 25000 ھزار روپيه مقرر ڪيو وڃي ٿو، ھن چيو ته سمورن سرن جي بٺن جا مالڪن نئين مقرر ٿيل سرڪاري ريٽ مطابق سرن وڪرو ڪن، ھن چيو ته ان ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪوتاهي کي هرگز برداشت نہ ڪيو ويندو، ان موقعي تي ھن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ھدايت ڪندي چيو تہ سرن جي بٺن جا دورا ڪيا وڃن ۽ جيڪڏھن ڪو بہ بٺا مالڪ وڌيڪ ريٽ وٺي تہ ان جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڏنڊ وصول ڪيو وڃي.