English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اڄ مادر سنڌ جيجي زرينا بلوچ جي 19هين ورسي ملھائي ويندي
136 views
|
24th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو مرڪزي وفد جيجي زرينا جي مزار تي حاضري ڀريندو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي ترجمان اشرف پليجي پنهنجي پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي تہ قومي عوامي تحريڪ پاران اڄ مادر سنڌ جيجي زرينہ بلوچ جي اوڻيھين ورسي سڄي سنڌ ۾ ملھائي ويندي. قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو مرڪزي وفد صبح 10 وڳي سنڌ مزار تي گلن جي چادر چاڙھي کيس ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.اشرف پليجي چيو تہ جيجي زرينہ بلوچ گيتن ذريعي مزاحمت ڪئي. ھن ون يونٽ ۽ آمريت خلاف جدوجھد ڪئي، جنرل پرويز مشرف جي آمريت ۾ ڪالاباغ ڊيم، پاڻي، سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ حقن لاءِ عورتن ۽ لکين عوام سان گڏجي لانگ مارچون ڪيون. سنڌ کي ھن وقت جيجي زرينہ بلوچ جھڙين مائرن جي ضرورت آھي، جيڪا آمريت، ظلم، خراب حڪمراني خلاف ھر وقت جدوجھد جي ميدان تي رھي. جيجي زرينہ بلوچ اياز لطيف پليجو جي صورت ۾ سنڌ کي اھڙو پٽ ڏنو آھي، جيڪو سنڌ جو آواز بنجي ويو آھي. اشرف پليجي وڌيڪ چيو تہ پنجاب جي چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 176 ڪلوميٽر ڊگهو ڪئنال ٺاھڻ جي سنڌ دشمن سازش ڪئي پئي وڃي، پنجاب ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. چولستان جي لکين ايڪڙن جي فارمنگ معنيٰ سنڌ رڻ ٿي ويندي، پنجاب ڪالاباغ جو خوفناڪ پلاند ڪري رھيو آھي. چولستان ڪئنال نڪرڻ کانپوء لاڙ مڪمل تباھ ٿي ويندو. ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جا ماڻھو پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان ٿي ويندا اشرف پليجي چيو تہ پاڻي جي جدوجھد جياپي جي جدوجھد آھي. ھي ڪروڙين ماڻھن جي زندگين جو مسئلو آھي. پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بنائڻ لاءِ ڪروڙين ماڻھن جون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون آھن. سنڌ جي وسيلن جي قيمت ادا ڪئي پئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مادر سنڌ
جيجي زرينا بلوچ
قومي عوامي تحريڪ
سنڌياڻي تحريڪ
حيدرآباد
زرينہ بلوچ گيتن
0 تبصرے