English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو بابت اجلاس
237 views
|
24th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ضلعي ۾ اڄ کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم 28 آڪٽوبر تائين جاري رهندي: نويد الرحمان لاڙڪ
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ پوليو جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان تيارين بابت اجلاس منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تہ ضلعي عمرڪوٽ ۾ 25 آڪٽوبر کان 28 آڪٽوبر 2024 تائين پوليو مهم جاري رهندي، جڏهن تہ پوليو مهم کي سو سيڪڙو ڪامياب بڻايو وڃي .هن چيو ته پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي لاءِ مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن ۽ اضافي پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ فول پروف سڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آھن، ان موقعي تي صحت کاتي جي عملدارن ۽ پوليو مهم ۾ فرائض سرانجام ڏيندڙ پوليو ورڪرز کي هدايت ڪئي وئي آهي تہ هو پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ مائڪرو پلان تحت پنهنجون سموريون صلاحيتون عمل ۾ آڻين، هن وڌيڪ چيو تہ پوليو جي مرض ۽ ان جي روڪٿام بابت شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي،ان سلسلي ۾ فيلڊ اسٽاف جي تربيت، مضبوط منصوبابندي ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آهي، هن چيو تہ ان مهم دوران درپيش سمورين مشڪلاتن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ مسئلن کي حل ڪيو وڃي تہ جيئن اسان جا ايندڙ نسل هن موذي مرض کان نجات حاصل ڪري سگهن، ان موقعي تي پوليو جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجي ڪمار اجلاس کي 25 آڪٽوبر کان 28 آڪٽوبر تائين شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي قيادت ۾ پوليو جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين قومي پوليو مهم جي آگاھي جي حوالي سان ھڪ تمام وڏي واڪ ريلي پڻ ڪڍي وئي ھن آگاھي واڪ ريلي ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عزيز احمد ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو ۽ سامارو سنجئہ ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر عمرڪوٽ ڊاڪٽر نندلال، ڊي ايس پيز ، ايم ايس سول اسپتال عمرڪوٽ ڊاڪٽر فريد احمد ھنڱورجو، پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار کتري، ڊي ايس پيز، اطلاعات کاتي، پوليس سميت لاڳاپيل کاتي جي عملدارن. مختلف سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نويد الرحمان لاڙڪ
عمرڪوٽ
ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ
پوليو مهم
فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجي ڪمار
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ
0 تبصرے