پڳ واري رسم ۾پھريون ور پير آف پرچونڊي ميان عبدالخالق ڏنو،ان بعد، پير امير علي شاھ جيلاني، دوست علي راھمون ۽ ٻين به ور ڏنا
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۽ ٿرپاڪر جو سياستدان جي ڊي اي اڳواڻ ٿر جي نالي واري سياسي شخصيت شير خان سميجو جو ٽيجهو سندس ڳوٺ ۾ ٿيو جنهن ۾ راجن جا معزز شخصيتن، مرحوم شير خان سميجو جي پٽ محمد موسي کي پڳ ٻڌرائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان مختلف برادرين جي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي خبر موجب عمرڪوٽ ء ٿرپارڪر جي سياستدان شير خان سميجو وفات کان پوءِ پڳ سندس پٽ محمد موسيٰ کي ٻدارئي وئي جنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان معززين جي وڏي انگ شرڪت ڀڳ واري رسم ۾پھريون ور پير آف پرچونڊي ميان عبدالخالق ڏنو ، ان بعد، پير امير علي شاھ جيلاني، دوست علي راھمون، امداد علي شاھ، پير آفتاب شاہ جيلاني، حاڪم نوحاڻي ايم پي اي امير علي شاه، فقير غلام قادر منگريو، علي بخش منڱريو، سليم مھر ،راھول جيوڻ، ارباب عنايت، رمضان پالاري، مير امان الله ٽالپر، غلام حيدر سميجو،دلاور مالڪاڻي ،اسد خالد سومرو، ٻئين پڻ ور ڏنو سنڌ جي مختلف ضلعن مان مختلف برادري معزز ماڻھن وڏي انگ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڳالهائيندي محمد موسي سميجو چيو ته اج جيڪا پڳ منھنجي والد جي لاڏاڻي کان پوءِجيڪا پڳ ٻڌرائي وئي آهي انھي جو آئون برھم رڪندس آئون وقت برادري توڙي پاڙي وارن سان گڏ ھوندس منهنجي والد جي ڪيل خدمتن جو نتيجو آهي جو اج ڳوٺ شير خان سميجو ۾ ماڻهن جو سمنڊ نظر اچي رهيو آهي آرگنائزر حيات سميجو، ارباب سميجو ،قاضي سميجو، حاجي ميانداد سميجو ء ٻئين چيو ته اج ڏک جي گهڙي سان گڏ اسان کي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان جي ڀاءُ محمد موسي کي اسان سميجا برادري جي پڳ ٻدارئي آهي اسين اميد رکون ٿا ته پنهنجي والد جي نقشي قدم تي هلندي قوم ء عوام خدمت ڪرڻ کپي مرحوم شير خان سميجو پھريون ڀيرو عنايت راھمون جي ڇاڇرو جي صوبائي سيٽ تي الڪيشن ۾ آزاد حيثيت سان بيٺو ان وقت پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ حمايت ڪئي بينظر ڀٽو ماروي گرائونڊ ۾ حمايت جو اعلان ڪيو ۽ ميان نواز شريف ڪنري جي جلسي ۾ سردار شير خان سميجو جي حمايت جو اعلان ڪيو ان وقت قومي اسيمبلي سيٽ تي مخدوم سعيد الزمان اتحاد ۾ گڏ هو 2001 ارباب غلام رحيم سان اتحاد ٿيو ۽ 2002 ۾ ارباب غلام رحيم سردار شير خان سميجو جي حوالي قومي اسيمبلي جو ٽڪيٽ ڪيو ان وقت الڪيشن ۾ بيهڻ لاءۡ گريجويشن جي ڊگري هئڻ لازمي هئي پوءۡ سردار شير خان سميجو پنهنجي برادري جي نوجوان هاڻوڪي چئيرمين ضلع ڪائونسل ٿرپارڪر ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو کي الڪيشن ۾ بيھاريو ۽ پاڻ ورڪ ڪري ان کي الڪيشن ۾ کٽايو 2008 جي الڪيشن ۾ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي پنهنجي سئوٽ کي ڇاڇرو جي صوبائي تڪ تان الڪيشن ۾ بيھاريو تازي ٿيل الڪيشن ۾ سردار شير خان سميجو جي ڊي اي جي ٽڪيٽ تان هاڻوڪي صوبائي وزير دوست علي راهمون سان مقابلو ڪيو هو ٿرپارڪر جي سياست ۾ 27 سال سرگرم رھيو سردار شيرخان سميجو جي سياست ۾ اچڻ کان پو۽ مختلف يونين ڪائونسل جا چئيرمين ۽ ضلع ڪائونسلر جا ميمبر چونڊايا سردار شير خان سميجو اصل ڀارت کان لڏي پاڪستان اچي ڳوٺ ميھندرو پار سينھراڻي ۾ ويٺو 1987 ۾ پنهنجي زمين وٺي عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي پنهنجو ڳوٺ سردار شيرخان سميجو قائم ڪيائين سردار شير خان سميجو جي والد جو نالو حاجي سومار سميجو هو سردار شيرخان سميجو ٻه شاديون ڪيائين جن مان ست نياڻين ۽ ٽن پٽن جو اولاد آهي غوثيه جماعت جو روحاني پيشوا مخدوم شاهه محمود قريشي اڳوڻو وڏو وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم پير آفتاب شاهه جيلاني نواب يوسف ٽالپر ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ سيد علي نواز شاهه ويجها دوست رهيا آهن سردار شير خان سميجو سنڌ ڊيموڪريٽ الائونس جو صوبائي اڳواڻ مسلم ليگ ق ضلع عمرڪوٽ جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو.
0 تبصرے