English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ اسٽنٽ ڪمشنر گڏاپ زين العابدين خلاف استادن جو احتجاجي مظاهرو
views
|
16th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ سميت ڪراچي جي مختلف ڪاليجن جي استادن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ملير (درياخان شر) ڪاٺوڙ گورنمينٽ ڪاليج جي استاد استادن جو اسسٽنٽ ڪمشنر گڏاپ زين العابدين خلاف احتجاجي مظاهرو، عهدي تان هٽائڻ جي گهر ، ميمڻ ڳوٺ سميت ڪراچي جي مختلف ڪاليجن جي استادن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو سپلا اڳواڻن جو چوڻ آهي ته استادن جي بي عزتي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، اي سي گڏاپ زين العابدين کي نه هٽايو ويو ته ايندڙ هفتي ڪاليجن ۾ تدريس جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي جو چوڻ آهي ته غلط فهمي جي بنياد تي معاملو ٿيو آهي آفيسر وزٽ تي هيو بروقت معاملو ختم ڪيو ويو هو سنڌ پروفيسر اينڊ ليڪچرر ايسوسيئيشن اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسٽنٽ ڪمشنر گڏاپ زين العابدين پاران ملير جي گورنمينٽ گرلز ڪاليج ڪمال خان جوکيو ڳوٺ ۾ علي نواز جوکيو ۽ ٻين سان هتڪ آميز رويو اختيار ڪندي کين جيل موڪلڻ جون ڌمڪيون ڏنيون جيڪو عمل معاشري ۾ سڌارو پيدا ڪندڙ استادن لاء اختيار ڪرڻ انتهائي ڳڻتي جوڳي جو عمل آهي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گڏاپ ، رزاق آباد گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ميمن ڳوٺ سميت مختلف ڪاليجن ۾ استادن پاران اسسٽنٽ ڪمشنر خلاف هراسان ڪرڻ ۽ بدتميزي ڪرڻ تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو ڪاليج جي استادن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏهاڙي اسسٽنٽ ڪمشنر گڏاپ زين العابدين اوچتو ملير جي علائقي ڪاٺوڙ ۾ گورنمينٽ گرلز ڪاليج ڪمال خان جوکيو پهتو ۽ استادن پروفيسر علي نواز جوکيو ۽ ٻين کي بنا جواز گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون ان سلسلي ۾ سنڌ پروفيسرز اينڊ ليڪچررز ايسوسيئيشن (SPLA) جي مرڪزي صدر منور عباس، سيڪريٽري جنرل پروفيسر شاهجهان پنهور، ٻين اڳواڻن پروفيسر حسن ميربحر، نهال اختر، احمد علي خان، شفيق زهرا، نديم احمد، حسين، محمد. حميد، محمد جمال، ڪنول مجتبيٰ، عبدالرشيد مغل، محمد هارون، ابوبڪر بلوچ، مقبول ميمڻ،۽ ٻين گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر گڏاپ زين العابدين گذريل ڏينهن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪمال خان جوکيو ڪاليج جي دوري دوران مرد ۽ عورت ڪاليج جي استادن سان بدتميزي ڪئي هئي جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا استادن جي احترام کان بغير معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي استاد قوم جي ٻارڙن جي مستقبل کي سنوارڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ انهن جي توهين ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿي ڪري سگهجي. ايس پي ايل اڳواڻن سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه، سنڌ ڪاليجز سيڪريٽري آصف اڪرام کان واقعي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي ڪمشنر ڪراچي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ملير کان اسسٽنٽ ڪمشنر کي معطل ڪرڻ جو پڻ گهر ڪئي آهي ايس پي ايل اڳواڻن اهو به چيو ته جيڪڏهن ڄاڻايل آفيسر کي نه هٽايو ويو ته ايندڙ هفتي کان سمورن ڪاليجن ۾ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حج - اسلام جو عظيم فريضو ۽ روحاني توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو
05th Jun 2025
•
سندھ
یوبی جی رہنماوں کا500ارب ڈالر کی افریقی درآمدی مارکیٹ کیلئے اسٹریٹجک مارکیٹنگ پر زور
05th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان عالمی ادارہ محنت کی بنیادی اقدار اور محنت کشوں کے حقوق کے تحفظ اور ایک مشترکہ باوقار اور روشن مستقبل کی تعمیر کیلئے تمام شراکت داروں کے ساتھ مل کرکام کرنے کو تیار ہے۔چودھری سالک حسین
05th Jun 2025
•
پاکستان
آئیڈنٹیٹی پاکستان کی پہلی” ہنر مند“ نمائش کا انعقاد قونصل جنرل آف پاکستان ٹورنٹو کینیڈا میں عیدمیلے کے موقع پر کیا گیا
05th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حج - اسلام جو عظيم فريضو ۽ روحاني توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو
05th Jun 2025
•
سندھ
یوبی جی رہنماوں کا500ارب ڈالر کی افریقی درآمدی مارکیٹ کیلئے اسٹریٹجک مارکیٹنگ پر زور
05th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان عالمی ادارہ محنت کی بنیادی اقدار اور محنت کشوں کے حقوق کے تحفظ اور ایک مشترکہ باوقار اور روشن مستقبل کی تعمیر کیلئے تمام شراکت داروں کے ساتھ مل کرکام کرنے کو تیار ہے۔چودھری سالک حسین
05th Jun 2025
•
پاکستان
آئیڈنٹیٹی پاکستان کی پہلی” ہنر مند“ نمائش کا انعقاد قونصل جنرل آف پاکستان ٹورنٹو کینیڈا میں عیدمیلے کے موقع پر کیا گیا
Advertisement
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
ڪاٺوڙ گورنمينٽ ڪاليج
اسسٽنٽ ڪمشنر گڏاپ زين العابدين
Advertisement
0 تبصرے